لاڙڪاڻي پوليس جون ڏوهارين خلاف ڪارروايون، 8 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس ڏوهارين خلاف ڪاروائيون ڪندي سنگين نوعيت جي ڪيسن جي اشتهاري ۽ گهربل 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه رتوديرو پوليس سنگين نوعيت جي چئن  کان وڌيڪ ڪيسن جي اشتهاري جوابدار برڪت لولائي کي، علي گوهر آباد پوليس اشتهاري جوابدار عطا محمد عرف بخش بڍاڻي کي، رشيد وڳڻ پوليس چوري ڪيس جي اشتهاري جوابدار شبير زنگيجو کي، ڪنگا پوليس منشيات فروش انور مغيري کي ڏيڍ پاءُ چرس سميت، سول لائين پوليس روپوش جوابدار غلام حسين رند ۽ ڏوڪري پوليس سنگين نوعيت جي ڪيس ۾ گهربل ٽن جوابدار نادر، سرفراز خاصخيلي ۽ آصف ڏيٿو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب گرفتار سمورن جوابدارن مٿان اهڙي نوعيت جا ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.