نوشهري فيروز ۾ڳوٺاڻن جو گهر کي باهه ڏيندڙن خلاف احتجاج

نوشهروفيروز (ڊ ر)نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ طالب سولنگي جي رهواسين گهر کي باهه ڏيندڙ جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف  سولنگي برادري جي ماڻهن پاران عورتن ۽ ٻارڙن سان گڏ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي ميهر علي سولنگي , بشير احمد سولنگي , عطامحمد , ڪوڙل سولنگي ۽ ٻيا ڪري رهيا هيا جن نعري بازي پڻ ڪئي ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته 3 مهينا اڳ منهنجي نياڻي ۽ ان جي ڌيءُ کي اغوا ڪندڙ جوابدارن زاهد , روشن , مهراب , راضي خان جن تي ڪيس هلندڙ آهي انهن رات جي وقت اسان جي گهر ۾ گهڙي گهر ڀاتين کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي گهر ۾ موجود عورت صاحبزادي تي تشدد ڪيو ۽ ڪيس تان هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ بعد ۾ گهر کي باهه ڏئي فرار ٿي ويا.  جنهن بعد اسان نوشهروفيروز ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي پر پوليس اڃان تائين جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو جيڪا ناانصافي آهي هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.