ميرپورخاص ۾پرڻو ڪندڙ عورت گوليون هڻي مرڻينگ

ميرپورخاص (بيوروپورٽ) ميرپورخاص جي سينٽر جيل ۾ ڊيوٽي ڪندڙ پوليس اهلڪار محمد بخش مري جي سرڪاري ڪوارٽر تي 4  ٻٽ ٻڌل نامعلوم هٿياربند ڪاه ڪري پوليس اهلڪار سان 5 مهينا اڳ پيار جو پرڻو ڪندڙ ڳوٺ عيسيٰ خان لغاري جي رهواسڻ عورت فاطمه مري تي سڌا فائر ڪري کيس مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويا فائرنگ جي اطلاع تي حد جي پوليس ۽  ڀرپاسي جي رهواسين واقعي واري هند پهچي زخمي عورت فاطمه مري کي علاج لاءِ سول اسپتال ميرپورخاص پهچايو جتي کيس طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو جنهن بعد کيس ڄامشورو جي اسپتال جي انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ رکيو ويو آهي.  ڊاڪٽرن موجب عورت جي حالت انتهائي نازڪ آهي ۽ 12 ڪلاڪ انتهائي اهم آهن. ذريعن موجب واقعي بعد پوليس ڳوٺ عيسيٰ خان لغاري ۾ ڇاپو هڻي زخمي عورت فاطمه مري جي ٻن ڀائرن عبدالرحمٰن ڳاهو ۽ شبير ڳاهو سميت ٽن جوابدارن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪرڻ بعد کين نامعلوم هند منتقل ڪري جانچ شروع ڪري ڏني آهي جڏهن ته واقعي جو هن وقت تائين ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو. پوليس موجب شروعاتي جانچ ۽ علائقي واسين جي بيانن مطابق 4 نامعلوم هٿياربندن گھر تي ڪاه ڪري قتل جي نيت سان پيار جو پرڻو ڪندڙ عورت تي سڌي فائرنگ ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ عورت جو ڪوبه وارث نه پهتو آهي وارثن جي اچڻ شرط ڪيس داخل ڪري جانچ اڳتي وڌائي ويندي پوليس مختلف رخن سان پنهنجي جانچ ڪري رهي آهي. واقعي جي حوالي سان مليل ڄاڻ موجب عورت سان پيار جو پرڻو ڪندڙ پوليس اهلڪار ٻن زالن کي طلاق ڏيڻ بعد پيار جو پرڻون ڪري ٽين شادي ڪئي هئي ۽ عورت کي سندس اڳوڻي مڙش الھ جڙيو ڳاهو مان ٽن ٻارن جو اولاد پڻ آهي جڏهن ته گھران فرار ٿيڻ تي عورت جي مڙس الھ جڙيو ڳاهو ڦلهڏيون ٿاڻي تي پنهنجي فرياد تي پوليس اهلڪار محمد بخش مري ۽ سندس ڀائرن خلاف اغوا جو ڪيس پڻ درج ڪرايو هو. وارثن موجب پوليس اهلڪار محمد بخش ڊسٽرڪٽ جيل ۾ پنهنجي ڊيوٽي تي هو ۽ گھر ۾ پوليس اهلڪار جو ڀاءُ ۽ سندس زال موجود هئا ته ٻٽ ٻڌل 4 نامعلوم هٿيار بندن گھر تي ڪاه ڪري فاطمه مري تي سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنهن مان هڪ گولي سندس مٿي ۾ لڳي جنهن بعد جوابدار کيس مئل سمجھي ڇڏي فرار ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.