عورتاڻي آواز تي پني عاقل پهتل نوجوان کي پوليس اغوا کان بچائي ورتو

پنوعاقل (ن ع آ) پنجاب جي پاڪ پتن شھر مان ھرکجي عورتاڻي آواز تي شادي ڪرڻ لاءِ پنوعاقل جي ڪچي ويندي سکر پوليس کيس  کي موبائيل فون ذريعي ھٿ ڪري اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو،ان ڏس ۾ ايس ايس پي سکر عرفان سمون پريس بيان جاري ڪندي واضح ڪيو آھي ته پنجاب جي شھر پاڪ پتن کان عورتاڻي آواز تي ھرڪجي پنوعاقل پھتو ته کيس کي موبائيل فون رستي ٽيز ڪري چونگھا چوڪ لڳ اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو،۽ اعجاز جٽ کي ڌاڙيلن جي ڪارروائي اغوا مامري کان آگاھ ڪري سنڌ پوليس کيس کي پنجاب پنھنجي ڳوٺ اماڻي ڇڏيو.

پنجاب مان مبينا اغوا بعد قتل ڄاڻايل ناري منظر تي اچي وئي

خانپورمهر (ن ع آ) پنجاب جي ڪوٽ سبزل ٿاڻي جي حد مان والد پاران اغوا ۽ قتل ڄاڻايل ناري ريحانه عالماڻي پنهنجي  معصوم ٻار سميت منظر تي اچي وئي آهي جڏهن ته ڪوٽ سبزل پوليس اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ ناري ريحانه عالماڻي جي مڙس صاحب عالماڻي، سهري محب عالماڻي ۽ ڏير سهيب عالماڻي کي هڪ هفتي کان قيد رکڻ جو انڪشاف ٿيو آهي, پنجاب جي ڪوٽ سبزل ٿاڻي جي حد مان اغوا بعد قتل ڄاڻايل ناري ريحانه عالماڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اٽڪل 2 سال پهرين منهنجي والد غلام فريد عالماڻي منهنجي شادي خوشي سان صاحب عالماڻي سان ڪرائي هئي جنهن مان مونکي هڪ ٻار جو اولاد پڻ آهي پر معمولي ڳالھ جي ڪري منهنجي والد منهنجي اغوا توڙي قتل جو ڊرامو رچائي منهنجي مڙس صاحب توڙي سهري ۽ ڏيرن مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو جنهن بعد پنجاب پوليس نسورو ناحق ڪندي چڙهائي ڪري منهنجي مڙس صاحب عالماڻي، سهري محب عالماڻي ۽ ڏير سهيب عالماڻي کي کنڀي هڪ هفتي کان قيد ڪري رکيو آهي،  هن چيو ته مونکي نه ته ڪنهن اغوا ڪيو آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن قتل ڪيو آهي آئون زنده آهيان ۽ ڳوٺ امام بخش عالماڻي ۾ مڙس صاحب عالماڻي جي گهر ۾ خيريت سان آهيان، ريحانه عالماڻي ڊي آءِ جي رحيم يار ۽ ڊي پي او رحيم يار خان کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي منهنجي مڙس، سهري ۽ ڏير کي فوري آزاد ڪري ڪيس کي خارج ڪيو وڃي

مدئجي ۾ زال کنڀجي وڃڻ خلاف مڙس جو احتجاج

مدئجي(ن ع آ ) مدئجي ۾ گمبٽ واسي ڳوٺاڻي پاران پيار جي پرڻي بعد زال جي اغوا خلاف  احتجاج ڪري  زال کي واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب گمبٽ جي مس۾ محلي جي رهواسي سيد اعجاز شاهه پريس ڪلب پهچي دانهيو آهي ته مون ساڳئي شهر جي رهواسڻ فرزانا ڌيءُ سڪندر ڊرگھ سان پيار جو پرڻو ڪيو هو جنهن تي منهنجي گهرواڻي جي پيءُ سڪندر ڊرگھ جوابدار ساڻ ڪري گهر تي حملو ڪري منهنجي گهر ۾ گهڙي گهرڀاتين کي يرغمال بڻائڻ بعد منهنجي گهرواري فرزانا کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري کڻي ويا آهن،جن اغوا بعد منهنجي گهرواري کي گهوٽڪي ۾ ترسائڻ بعد زبردستي سندس جو نڪاح مٿان نڪاح ڪيو ويو آهي،جنهن خلاف مون گمبٽ ٿاڻي تي پنهنجي زال جي اغوا جو ڪيس ۽ سيشن ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي آهي. ،جنهن تي ڪورٽ پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته 9 جنوري تي منهنجي گهر واري فرزانا کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي،پوليس رشوت عيوِض منهنجي زال کي ڪورٽ ۾ پيش نٿي ڪري نه ئي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري رهي آهي،هن وڌيڪ چيوته جيڪڏهن 9 جنوري تي منهنجي گهرواري کي ڪورٽ ۾ پيش نه ڪيو ويو ته خيرپور پريس ڪلب آڏو پاڻ کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيندس،هن اختيارين کي اپيل ڪندي چيوته نوٽيس وٺي بنادير زال کي بازياب ڪرائي گڏ رهڻ جي اجازت ڏني وڃي..

گهارو ۾ پوليس جي ڪارروائي، 4 جوابدار گرفتار، ڪيس داخل

گهارو( ن ع آ)  پوليس جي ڪاروائي 4جوابدار گرفتار.چرس ۽ ٺرو برآمد. ڪيس داخل.ايس ايس پي ٺٽوجي خاص هدايتن تي   ايڇ اوگهاروممتازعلي بروهيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس شهرجي مختلف علائقن ۾ ڪاروائي ڪري جواندار سجادعلي چانڊيوکي گرفتارڪري وٽائنس 22ٿيليون ٺرو.جوابدار مختيارچانڊيوکي گرفتارڪري وٽائنس ڏيڍڪلوچرس. جوابداراعجازچانڊيوکي گرفتارڪري وٽائنس 20 ٿيليون ٺرو ۽ جوابدارشاهدملاح کي گرفتارڪري وٽائنس 25 ٿيليون ٺروهٿ ڪري چئني جوابدارن خلاف گهارو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ورتوآهي.ان موقعي تي ايس ايڇ او گهاروچيو ته ڪنهن به ڏوهاري ۽ منشيات فروش سان ڪابه رعايت نه ڪئي ويندي.عوام شهر ۾ موجود ڏوهارين ۽ سماج دشمن عناصرن جي نشاندهي ڪري پوليس سان تعاون ڪري ته جيئن شهر سماجي برايون ختم ڪري امن قائم ڪري سگهجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.