ڳڙهي ياسين ۾ڪتي ڏاڙهڻ جو يوسي سيڪريٽري تي ڪيس داخل

ڳڙهي ياسين ( رپورٽ شهمير علي جمالي  )  ڳڙهي ياسين تعلقي جي ڳوٺ ٻانڀيهڙ ۾ 2 مهينا اڳ رولو ڪتي 50 ورهين جي پيرسن  مير محمد مهر کي چڪي زخمي ڪري ڇڏيو هو ، جنهن بعد ان کي ويڪسين پڻ ڪرائي وئي هئي ، مگر ٻن مهينن بعد اهڙي واقعي جي رپورٽ ايم ايس ڳڙهي ياسين ڊاڪٽر امتياز ميمڻ ايس ايس پي شڪارپور ، ڊي سي شڪارپور ۽ وس وارن کي ليٽر اماڻيا جنهن بعد ڳڙهي ياسين تعلقي جي آغا فارم ٿاڻي تي سرڪار پاران فريادي ايس ايڇ او آغا فارم نور محمد ڀيو جي فرياد تي گناهه نمبر 01،2021  قلم 289، 290 ، 291 تحت جوابدار يوسي سيڪريٽري درشن لعل مٿان ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪري جوڊيشل مئجسٽريٽ ڳڙهي ياسين جي عدالت ۾ پيش ڪيو ، جنهن بعد جوڊيشل مئجسٽريٽ جوابدار يوسي سيڪريٽري کي ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو ، ان موقعي تي يوسي سيڪريٽري درشن لعل صحافين کي ٻڌايو ته اسان ڪتي جي چڪ جون ويڪسين سرڪاري اسپتال ۾ خريد ڪري مهيا ڪيون آهن ، هن چيو ته مٿي ذڪر ڪيل همراهه کي 17.11.2020 تي نوريئڙو يا ٻئي ڪنهن جانور چڪيو مگر اسپتال ۾ اچڻ بعد ايم ايس ان کي ڪتي جو چڪ ڄاڻائي ليٽر مٿي اماڻي ڇڏيا جنهن تحت منهنجي مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ، هن چيو ته اسان ڪتي جي چڪ جون ويڪسين اسپتال ۾ فراهم ڪيون آهن ، هن چيو ته اسان پنهنجي يونين ڪائونسل ۾ ڪتا مار مهم پڻ هلائي رهيا آهيون جنهن ۾ ڪافي ڪتا مارائي چڪا آهيون ۽ مهم هلندڙ آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.