واهي پانڌي ۾ رانجهاڻي برادري جو احتجاج

واهي پانڌي ( ن ع آ ) واهي پانڌي ڪاڇي جي ڳوٺ ڇني جي رھواسين رانجھاڻي برادري جي عورتن مسمات درناز،مسمات بچُل،مسمات گل ناز ،غلام حسين،اعظم رانجھاڻي ڳوٺ جي بااثر جي ظلمن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي ميديا اڳيان دانهيندي چيو ته بااثرن لياقت رانجھاڻي،سوڀ رانجھاڻي،عُمر رانجھاڻي طرفان اسان جي گھرن تي ھٿياربند ماڻھن سان گڏجي گھرن تي حملو ڪري گھر اندر موجود عورتن ۾ اسان جي مردن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي گھرن چڙھائي ڪرائي پوليس ھٿان حراسان ڪيو پيو وڃي، ھنن چيو ته بااثر مخالفين سان پراڻو سڱاوتي تڪرار ھلندڙ ھيو جنھن جو ڪيس پڻ ڪورٽ سڳوريءَ ۾ ھلندڙ آھي ان باوجود بااثر طرفان جيئن جنجال بڻائي ڇڏيو آهي ھر روز ڏوھاري ماڻھن سان گڏجي اسان کي ڳوٺ مان لڏائڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.ھنن ڊي.آءِ.جي حيدرآباد،ايس.ايس.پي دادو سميت سڀني وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ جي بااثرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.