زين آفندِيءَ جو قتل، هر رخ کان جانچ ٿيڻ گهرجي

ايڊيٽوريل

راچيءَ ۾ ڪافي عرصي بعد وري قتلن جون اهڙيون وارداتون شروع ٿيون آهن، جن مان دهشتگرديءَ جو انومان ظاهر ٿئي ٿو، اهڙين ڪاررواين ۾ گذريل ڏينهن ماڊل ڪالوني ڪراچيءَ ۾ هڪ نوجوان کي نامعلوم هٿيارن بندن جو سڌا فائر ڪري مرڻيگ ڪري ڇڏڻ،  ۽ قاعداعظم  محمد علي جناح جي مزار پويان ۽ پيپلز چورنگيءَ ويجهو بنگلي ۾ نامعلوم هٿيار بندن جو داخل ٿي حسن علي آفنديءَ جي پوٽي زين آفنديءَ کي قتل ڪرڻ سميت شامل آهي، جڏهن ته گذريل هفتي ٻن کان اهڙا ٻيا به سنگين واقعا ٿيا آهن جن ۾ نامعلوم افراد جو ملوث هجڻ ٻڌايو وڃي ٿو.

زين آفندي، سنڌ مدرسي جي باني حسن علي آفنديءَ جو پوٽو آهي، جڏهن ته سندس ويجهن رشتيدارن ۾ ملڪ جو اڳوڻو صدر ۽ پيپلز پارٽيءَ جو ڪو چيئرمين آصف علي زرداري، بلاول ڀٽُو زرداري آهن ، زين آفندي ڪراچي نمائش چورنگيءَ واري علائقي ۾ پيپلز چورنگيءَ جي لڳ هڪ بنگلي ۾ پنهنجي خاندان سان گڏ رهندو هيو، هو هڪ آءِ ٽي فرم ۽ هڪ فوڊ ڪمپني هلائيندو هو.

زين آفنديءَ جو قتل جهڙي نموني ٿيو آهي، ان مان اهو چوڻ ته اها رڳو ڦُر جي هڪ واردات هُئي، مناسب نه ٿو لڳي، ڇو جو پوليس جي بيان موجب گذريل اربع واري ڏينهن صبح جو سوير قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار پويان ۽ پيپلز چورنگيءَ ويجهو بنگلي ۾ 5 هٿياربند داخل ٿيا جن سندس نوڪرن ۽ گارڊن کي رسن سان ٻڌي واردات ڪئي، پوليس موجب صبح جو 4 وڳي 5 نامعلوم هٿياربند سندس بنگلي ۾ داخل ٿيا، جيڪي تقريبن 55 منٽ بنگلي اندر موجود رهيا، واردات وقت زين آفندي ۽ سندس گهر ڀاتي موجود هئا، هٿيار بندن ملازمن کي يرغمال بڻائي انهن کي رسن سان ٻڌي ڇڏيو ، انهن موجب زين آفندي پنهنجي بيڊ روم ۾ موجود هيو جنهن پنهنجي بيڊ روم جو دروازو اندارن لاڪ ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته نامعلوم هٿياربند سندس بيڊ روم جي ڪمري جو دروازو ٽوڙي ڪمري ۾ داخل ٿيا، زين آفندي هٿياربندن سان مزاحمت پڻ ڪئي جنهن دوران نامعلوم هٿيار بندن کيس 6 گوليون هنيون جن مان هڪ کيس منهن ۾ لڳي، گهر وارن موجب ان بعد ئي نامعلو هٿياربند سونا زيور، روڪ رقم . 2 موبائل فونز ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا.

زين آفنديءَ جو قتل ڪو هڪ عام ماڻهوءَ جو قتل نه آهي، پر اهو قتل سوسائٽيءَ جي هڪ اهم فرد جو قتل آهي ۽ هڪ هاءِ پروفائل ڪيس آهي، ڇو جو هو هڪ اهڙي خاندان جو فرد آهي جنهن جو تعلق پيپلز پارٽيءَ جي ڪو چيئرپرسن ۽ هن وقت ملڪ جي اهم سياسي شخصيت آصف زرداريءَ سان آهي ۽ هو ان جو ويجهو رشتيدار آهي ۽ ان سان گڏو گڏ هو هڪ اهڙي شخصيت جو پوٽو آهي جنهن جون سنڌ جي تعليم لاءِ قربانيون ۽ ڪاوشون ايتريون ته اهم ۽ تاريخ ساز آهن جو ان جي قائم ڪيل تعليمي اداري مان تعليم حاصل ڪندڙ قائد اعظم محمد علي جناح اڳتي هلي پاڪستان جو قيام عمل ۾ آندو.

زين آفنديءَ کي جهڙي نموني قتل ڪيو ويو آهي، اها سموري ڪارروائي اهو ٻڌائڻ لاءِ ڪافي آهي ته ان جو قتل ڦورن پارن ڏوهه دوران پڪڙڻ جي خوف جي ڪري نه آهي، پر اهو قتل نامعلوم هٿياربندن کيس ٽارگيٽ ڪري ڪيو آهي، ڇو جو زين ڦورن جي ڪارروائين دوران نه ته ساڻن مزاحمت ڪئي ۽ نه ئي وري ڪا مدد طلب ڪئي، پر ان جي ابتڙ هُن پنهنجو پاڻ کيس پنهنجي خاندان سميت ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو هو ۽ نامعلوم هٿيار بندن ان ڪمري جو دروازو ٽوڙي کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ۽ ان بعد ڦر جو ڊرامو ڪري فرار ٿي ويا، هڪ مذهبي جماعت جي احتجاج ڪري علائقي ۾ سيڪيورٽي به هاءِ الرٽ هُئي، اهڙي صورتحال ۾ زين آفنديءَ جو قتل ، هڪ ڦر جي واردات بلڪل به نه ٿي لڳي.

ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کان رپورٽ گهري آهي، اسان ان خيال جا آهيون ته زين آفنديءَ جي قتل متعلق سنڌ جي وڏي وزير کي سخت نوٽس وٺڻ گهرجي جو زين جي قتل جي واردات اهو ٻڌائي رهي آهي ته کيس ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪيو ويو آهي جنهن ڇو ته مقصد هر گز ڦر ٿي نه ٿو سگهي، تنهنڪري اسان ان خيال جا آهيون ته زين آفنديءَ جي قتل جي هر رخ کان چانچ ٿيڻ گهرجي ۽ خاص ڪري ان قتل واري واردات جي جانچ ڪري ان قتل کي ٽرگيٽ ڪلنگ دهشتگرديءَ واري پسمنظر ۾ پڻ ڏسڻ گهرجي، زين آفنديءَ جي قتل بعد اها ڳالهه ته واضع ٿي وئي آهي ته سخت سيڪيورٽي هوندي، ڪنهن هاءِ پروفائل شخصيت جو قتل ٿيڻ، ان جو مقصد آهي شهر ۾ ڏوهاري، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، هاءِ سيڪيورٽي الرٽ جي انتظامن کان وڌيڪ سگهارا ۽ تيز آهن، جن تائين پهچن لاءِ حڪومت کي انتهائي سخت محنت ڪرڻي پوندي.

ان سلسلي ۾ اسان جي سنڌ حڪومت کي اها پڻ گذارش آهي ته زين آفنديءَ جي قتل جي جانچ لاءِ ڪا تحقياتي ڪميٽي جوڙي جيڪا سندس قتل جي هر رخ کان جائزو وٺي قاتلن تائين پهچي انهن کي منطقي انجام تائين پهچائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.