دل جهوريندڙ مچ جو واقعو ۽ حڪمرانن جا رويا

تحرير: حميده گهانگهرو

سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ چئن آڱرين جو فاصلو آهي، ڪوڙ اهو آهي ته بغير ڪنهن تصديق ڪرڻ جي ٻڌندار هو ۽ پنهنجو ذهن استعمال نه ڪيو. سچ اهو آهي جيڪو اکين سان ڏسو ۽ پوءِ پنهنجي شعور تحت فيصلو ڪيو. 70 سالن کان پاڪستان جي تاريخ سان به ڪجهه اهڙي ويساهه گهاتي ٿي رهي آهي.

چوڻ ۾ ته هي ملڪ مسلمانن جي تحفظ، اظهار، جي آزادي ۽ پنهنجي نج مسلمانن جي آبادي تي ٺهيو ٻيا مذهب شهري حق رکن ٿا پر کين اقليت طور سڃاتو وڃي ٿو. ائين کڻي چئجي ته برابريءَ جي بنياد تي هر شهري کي جيئڻ جو حق ۽ تحفظ آهي. پر ڇا 70 سالا تاريخ اهو سڀ ڪجهه ڏٺو آهي جيڪو مسلمانن جي رياست ۾ مذهبي آزادي، رواداري جي حساب سان ملڻ گهرجي. بدقسمتي اها رهي آهي ته ملڪ جي نالي ماتر آزاديءَ ۾ هڪدم مارشلا جو لاڳو ٿيڻ اظهار جي آزاديءَ تي پابندي، دانشورن، اديبن، سياسي ڪارڪنن ۽ شاگردن تي غير قانوني سرگرمين جا الزام لڳائي پابنديون لاڳو ڪرڻ، ايوب خان جي قهري ظلمن  ڪيترن باشعور سياسي، سماجي، مزدور اڳواڻن کي سزائون ڏنيون. انهيءَ ڪري پاڪستان ۽ هندوستان جي وچ ۾ ٻه وڏيون جنگيون لڳيون، پهرين جنگ پاڪستان کٽي ۽ ٻي هارائي.

پاڙيسري ملڪن جي جنگ جا سبب ته ڪنهن حد تائين سمجهه ۾ اچن ٿا پر ملڪ جي اندروني معاملن تي وڏي جنگ کان به وڌيڪ خطرناڪ صورتحال ۽ هر شهري پنهنجو پاڻ کي غير محفوظ سمجهي ته اها جنگ ڪهڙي قوم جي قومي مفاد ۾ فائدي مند آهي. ڪڏهن ٻوليءَ جي بنياد تي ته ڪڏهن مذهب جي بنياد تي فرقي پرستي جي باهه ٻارڻ انتهاپسنديءَ جو اهو عمل آهي، جيڪي ملڪ ۾ انتظار جي صورتحال پيدا ڪري ملڪ کي ترقيءَ جي عمل کان روڪي صرف ۽ صرف مايوسي پيدا ڪري رهي آهي. هاڻي سچ ۽ ڪوڙ تي نهار ڪجي ته هن وقت تائين جيڪي به عوام جي ووٽن کي کڻي آيل چوڻ ۾ جمهوري حڪومتون رهيون آهن. اهي پنهنجي قول ۽ فعل ۾ ايترا سچا رهيا آهن قانهن جا اليڪشن کان اڳ عوام سان ڪيل واعدا وچن هڪڙا ته اقتدار کان پوءِ سندن ٻولي، لب لهجو به بدلجي ويندو.

ملڪ جو وزير اعظم عمران خان ڪنٽينر تي بيهي ماضيءَ جي حڪومتن جي غلطين کي ورجائيندي اهڙيون اميد ڀريون ڳالهيون ڪندو هو جو عوام هن جي نئين قيادت تي هڪدم ڀروسو ڪيو. پر اهي واعدا ئي وفا نه رهيا جيڪي عمران خان ڪيا هئا. سڀني حڪومتن جو سهرو ٻڌڻ وارو عمران خان هڪ وڏي پڳ ٺاهي مٿي تي ٻڌي هلي ٿو. کيس وسري ويو ته بلوچستان هزاره ڪميونٽي جي ماڻهن جي قتل تي اهڙا احتجاج ٿيا هئا ته عمران خان چيو منهنجي حڪومت ايندي ته فورن قاتلن کي سزا ڏني ويندي. اڄ ٻيهر تاريخ جي گهاڻي ۾ هزاره ڪميونٽي جا ماڻهو بيدرديءَ سان گولين جو ڪاڄ بڻائي سندن سسيون ڌڙ کان ڌار ڪيون ويون آهن.

ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ هنن محنت ڪشن جو ڪهڙو ڏوهه هو؟ ڇا معدني پيداوار ڪوئلي جو پاڪستان جي معيشت تي بهتر اثر نٿو پوي. جيڪي ملڪ زرعي، معدني، پيداوار ۾ خود ڪفيل هوندا آهن اهي قومون خوشحاليءَ جي منزل ڏي هلندڙ هونديون آهن. پر هيءَ ڪهڙي ملڪ جي معدني زخيرن ۾ پورهيو ڪندڙن کي سزا ڏني وئي آهي ۽ جو اڄ ڏينهن تائين کليل آسمان هيٺان سخت سيءَ ۾ لاش رکي پنهنجي پيارن جون آهون ڪوڪون ٻڌي رهيا آهن. بي حسي جي انتها آهي سڄي دنيا مچ بلوچستان جو نالو سرخ ڪري رهيو آهي ۽ اسان جا حڪمران وهاڻن کي ٽيڪ لڳائي گهري ننڊ ۾ ستا پيا آهن. وزير اعظم صاحب رياست مدينه صرف لفظن ۾ به ٺاهي ويندي آهي پر ان لاءِ عوام کي رياست مدينه جهڙا حق به ڏنا ويندا آهن.

مچ بلوچستان جا شهيد محنت ڪش 1400 سئو سال پراڻي ڪربلا جي انتهائي جيءُ جهوريندڙ تاريخ جو ڏيک ڏئي رهي آهي ڇا 1400 سئو سال پهرين جي ظلم واري تاريخ مان ڪو به سبق ناهي سکيو، قوم جي وزير اعظم کان شهيدن جون مائون ڀينرون ۽ نوجوان ونيون سوال ٿيون ڪن ته ڇا ملڪ جا وزير اعظم اهڙا هوندا آهن. صرف هڪ ٻئي تي الزام لڳائڻ کان سواءِ ڪا سوچ ناهي هوندي. سکڻ کپي نيوزيلينڊ جي وزير اعظم کان جيڪا هڪ عورت آهي. جڏهن هڪ انتهاپسند 50 مسلمانن کي شهيد ڪيو ته وزير اعظم رنگ، نسل، مذهب ۽ انتهاپسنديءَ جي رويي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪنهن ٻئي کي نه موڪليو. پر پاڻ هنن وٽ پهتي ۽ اهو به اسلامي لباس ۽ برقعو پائي اهو ثابت ڪيو ته ڪنهن به غير انساني انتهاپسندي جي رويي کي هٿي ڏيڻ بجاءِ هم آهنگي لاءِ ذميدارن کي سزائون ڏنيون وڃن پارليامينٽ جي اجلاس ۾ قرآن جي تلاوت سان شروع ڪري جمعي جي اجتماع ۾ شامل ٿي آزان ريڊيو تي نشر ڪرائي ۽ انتهاپسندن کي شڪست ڏياري ثابت ڪيو، ته اسلام دشمن رويي کي ختم ڪرڻو آهي.

نيوزيلينڊ جي وزير اعظم جي عمل پوري دنيا تي ته هاڪاري اثر ظاهر ڪيا پر پوري ملڪ مان انتهاپسندي کي ختم ڪري ڇڏيو. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ اسان جي ملڪ ۾ وڌندڙ واقعن جي ذميواري انتهاپسندن بجاءِ ٻاهرين پاڙيسري ملڪن تي الزام لاڳو ڪئي ويندي آهي. پاڪستان جو وڏو خرچ دفاعي ادارن تي ٿئي ٿو. ٻئي پاسي ملڪ ۾ وڌندڙ انتشار جي ذميواري فورن پاڙيسري ملڪن تي هنئن ٿي وڃي. تحقيقات ڪرڻ بجاءِ حيرت آهي دفاعي منسٽر شاهه محمود قريشي تي جهن فورن بيان ڏنو ته اها ٻاهرين سازش آهي. عوام کي ٻڌايو وڃي ته ٻاهرين سازشن کي روڪڻ ڪهڙي مسٽريءَ جو ڪم آهي. ڇا هن ملڪ جي عام ماڻهن کي سر عام قتل ڪرڻ کان سواءِ ٻاهرين قاتلن کي معاهدا ڪري هيلي ڪاپٽر ذريعي ملڪ مان فرار ڪرڻ آهي.

جيستائين سياسي رويا مصلحت پسندي ۽ اقتدار جي بک کي سنڀالڻ تائين محدود رهندا تسيتائين ملڪ جي ٻه دفعا چونڊيل وزير اعظم، سياسي ڏاهي، بينظير ڀٽو جي قتل جي تحقيقات کي صرف اهو چئي قاتلن کي ٻاهر وڃڻ جو رستو ڏنو ويندو ته جمهوريت بهترين انتقام آهي ته پوءِ روڊ، رستا، شهر ڪڏهن بم ڌماڪن ته ڪڏهن سرعام گولين جي بوڇاڙ سان جانين جو کاڄ بڻائڻ، نياڻين، معصوم ٻارڙين جون عزتون غير محفوظ ۽ پوءِ چچريل لاش ملڻ، قاتل ڪنهن اثر رسوخ جي ڇپر ڇانو ۾ هئڻ ڪري سزا ملڻ کان آجا رهن. اهڙي صورتحال ۾ نه ته جمهوريت ۽ نه ئي جمهوريت بهترين انتقام جو فلسفو ڪنهن جي قلبي پيڙا کي ختم ڪري سگهي ٿو.

مچ بلوچستان جي شهيدن جو واقعو مذهبي انتشار ذريعي ملڪي حالتن کي بدلائي عوام جي سوچ کي ٻئي طرف مائل ڪرڻ آهي جيڪو عوام چڱي طرح سمجهي ٿو.

حڪمرانن جي اليڪشن کان اڳ واري ٻولي ۽ پوءِ جي ٻوليءَ کي سمجهڻ گهرجي. هاڻي ته اليڪشن سان جهوليون ڀرجي ويون آهن ۽ اکين جا ڳوڙها وهڻ بند نٿا ٿين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.