بلوچستان ۾ دهشتگردي ۽ نام نهاد جمهوريت !

تحرير:عارف نظامي

بلوچستان جي ڏورانهين علائقي مچ ۾ هزاره برادريءَ جي 11- فردن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو آهي، پيشي جي حوالي سان اهي سمورا مقتول کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت هيا، انهن پورهيتن جو ظالماڻو قتل انتهائي افسوس ناڪ ۽ مذمت لائق آهي پر ان کان وڌيڪ تشويشناڪ ڳالهه اها آهي ته هاڻي دهشتگرديءَ جا اهڙا واقعا مسلسل ۽ سنگين نموني سان ٿي رهيا آهن. بلوچستان دهشتگرديءَ جي حوالي سان نشاني تي آهي، هاڻوڪين ڪاررواين مان لڳي ائين ٿو ته بلوچستان ۾ قانون نافذ ڪندڙ ادارا ۽ خاص ڪري فرنٽيئر ڪانسٽبلري به بيوس نظر اچي رهي آهي.

بلوچستان ايراضيءَ جي حوالي سان پاڪستان جو وڏي ۾ وڏي صوبو آهي جيڪو ڪافي عرصي کان وٺي دهشتگرديءَ جي ور چڙهيل آهي. بلوچستان ۾ پاڪ فوج جو به ڪافي انگ مقرر آهي جيڪا صوبي ۾ هم آهنگي ۽ امن امان جي واڌاري لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، جڏهن ته پاڪ فوج صوبي ۾ يونيورسٽيون، ڪاليجز ۽ اسپتال به جوڙايا آهن جيڪي صوبي ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. بلوچستان جو ڪور ڪمانڊر صوبي ۾ ترقياتي ڪمن جو پاڻ جائزو وٺندو رهندو آهي ۽ امن امان جي صورتحال کي بهتر رکڻ لاءِ به پاڻ ئي ڪوششون ڪندو رهندو آهي، جيڪا هڪ سٺي ڳالهه آهي ، انهن سڀني ڪوششن باوجود بلوچستان ۾ دهشتگرد ڪاررواين جو ختم نه ٿيڻ انتهائي تشويشناڪ ڳالهه آهي.

افغانستان ۾ مجاهدن ۽ طالبان بعد هاڻي داعش جو فعال ٿيڻ ڪا سٺي خبر نه آهي، جڏهن وچ اوڀر جي صورتحال جي حوالي سان داعش جو نالو پهريون دفعو ٻڌڻ ۾ آيو هو ته هن علائقي جي سياسي تجزيه ڪارن جو چوڻ هيو ته، داعش افغانستان ۾ نه آهي تنهنڪري اسان لاءِ ست ئي خير آهن، پر ان وقت به گڙنگ تجزيه ڪارن جو چوڻ هيو ته داعش جو آخرڪار مرڪز افغانستان ئي ٿيندو ۽ طالبان ان جي مخالفت ڪن ائين هر گز نه ٿيندو، ۽ وقت ثابت ڪيو ته ائين ئي ٿيو آهي.

جيستائين هزاره برادريءَ جو تعلق آهي ته اهي ويچارا ڪيتري ئي وقت کان وٺي نام نهاد دولت اسلاميه عراق ۽ شام جي نشاني تي آهن، ان کان پهريان به هزاره برادريءَ جي ياترين جي سڄي بس جي مسافرن کي قتل ڪيو ويو هو پر تڏهن به حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نه چري هُئي. بلوچستان ۾ گذريل ويهن سالن ۾ دهشتگرديءَ جي مختلف واقعن ۾ هرزاره برادريءَ جا 1800- ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن.

پاڪستان ۾ جيڪا به حڪومت آئي آهي ان بلوچستان سان انتهائي ناروا سلوڪ ڪيو آهي، 1948ع ۾ خان آف قلات احمد يار خان کي گوڏا کوڙڻا پيا هيا، 1956ع جي آئين تحت بلوچستان کي اولهه پاڪستان جي ون يونٽ ۾ ضم ڪيو ويو جنهن جي خلاف مزاحمتي تحريڪ هلي پر جنرل ايوب خان ان کي ڪچلي ڇڏيو. ڀٽي جي دور ۾ بلوچستان ۾ جڏهن نيشنل عوامي پارٽي جي حڪومت بلوچستان جي داخلي خودمختياريءَ جي گهر ڪئي ته ان وقت جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي نيشنل عوامي پارٽيءَ جي اهڙي گهر کي مرڪز خلاف بغاوت برابر سمجهيو ۽ نتيجي ۾ هُن بلوچستان جي اسيمبلي ئي ٽوڙي ڇڏي ۽ اتي گورنر راڄ لاڳو ڪري ڇڏيو.  ڀٽي جي دور ۾ اسيمبلي ٽوڙڻ جي خلاف هڪ تحريڪ هلي جيڪا سندس اقتدار جي خاتمي تائين جاري رهي، ان بعد جنرل ضيا جو دور آيو جنهن پنهنجي سياسي مصلحتن جي پس منظر ۾ بلوچ قيادت سان مفاهمت ڪندي  قيد يارنهن هزار بلوچ سردارن ۽ انهن جي گوريلا سپاهين کي آزاد ڪري ڇڏيو.

هاڻي صورتحال اها آهي ته بلوچستان ۾ چوڻ لاءِ ته جمهوريت آهي پر عملي طور تي بلوچستان ۾ بدامنيءَ جو راڄ آهي جنهن ۾  مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، جنرل مشرف جي دور  ۾ جهڙي نموني فوج ۽ ان جي انٽيليجنس جي ادارن سردار نواب اڪبر بگٽيءَ کي قتل ڪيو هو اهو پڻ بلوچستان جي تاريخ جو هڪ مفرد واقعو آهي. اڪبر بگٽي ايترو انقلابي نه هيو جيترو کيس سمجهيو ويو، 1973ع ۾ جڏهن ڀٽي بلوچستان ۾ نيپ جي حڪومت ختم ڪئي هُئي ته ان اڪبر بگٽيءَ کي ئي بلوچستان جو گورنر بڻايو هيو، ان بعد صوبي جي حقن گهرڻ جي ڏوهه ۾ سندس حشر نشر ڪيو. ان پس منظر ۾ صوبي جا گهڻا تڻا سياستدان حڪومت جي ٽڪرن تي پلجندا آهن ۽ جيڪي سياستدا صوبي جي حقن جي ڳالهه ڪندا آهن اهي غدار سڏايا ويندا آهن، پر ان جو مقصد اهو هر گز نه آهي ته صوبي ۾ پرڏيهي مدد سان دهشت گرد، دهشت گرديءَ جي راند نه پيا ڪن، هندستان پڻ بلوچستان جي دهشت گرد ڪاررواين جي پويان آهي، اهڙي صورتحال ۾ بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جي ڪاررواين جو وڌڻ ڪا عجب جهڙي ڳالهه نه آهي. اهڙي صورتحال جو داعش پڻ ڀرپور نموني فائدو حاصل ڪري رهي آهي، داعش جي مذمت جوڳن مقصدن جي حاصلات لاءِ اسلامي ملڪ شام ۽ عراق ڀرپور مدد ڪري رهيا آهن، جڏهن ته افغانستان جهڙي صورتحال کيس لاءِ انتهائي مناسب آهي.

هاڻي ٿيڻ ته اهو گهرجي ته بلوچستان جي حقيقي نمائندن کي به اڳتي اچڻ گهرجي ۽ پرڏيهه ۾ گذريل ٻن ڏهاڪن کان ويٺل ماڻهن کي جيڪي پنهنجي مفادن لاءِ بلوچستان جي حالتن کي بگاڙي رهيا آهن، انهن کي پڻ هاڻي پنهنجي سوچ تبديل ڪرڻي پوندي. بلوچستان ۾ جهڙي انتهائي ڪريل انداز ۾ جمهوريت سان سلوڪ ڪيو ويندو آهي ان جو جو مثال راتون رات سيڪيورٽي ادارن هٿان بلوچستان عوامي پارٽي جو وجود ۾ اچڻ آهي ۽ 2018ع ۾ سينيٽ جي چيئرمين صادق عمراڻيءَ جو چونڊجي اچڻ آهي، هاڻي اهڙي روش کي به ختم ٿيڻ گهرجي، بلوچستان جي اهڙي سياسي صورتحال بعد وري اها به شڪايت ڪئي ويندي آهي ته بلوچ قومپرست حڪومت تي ڇتي تنقيد ڇو ڪندا آهن.

هزارين بلوچ نوجوانن کي دهشتگرد قرار ڏئي انهن کي کنڀي گم ڪرڻ ڪٿان جي جمهوريت آهي، هونئن به ملڪ ۾ جمهوري ادارا هڪ قدم اڳتي ٻه قدم پوئتي هلي رهيا آهن، بلوچستان ۾ جمهوريت جي صورتحال انتهائي بدتر آهي.

مچ سانحي جي حوالي سان وزيراعظم جو چوڻ آهي ته ان سانحي لاءِ سيڪيورٽي ادارن جي ڪا به ڪوتاهي ذميوار نه آهي، وزيراعظم جو اهڙو بيان اکين تي پر ملڪ جي چيف ايگزيڪيٽو کي اهڙي قسم جو بيان مڪمل جانچ بعد ئي ڏيڻ گهرجي، ڇو جو سيڪيورٽي ادارن گهربل ڪوششون نه ورتيون آهن، سوال هي آهي ته عوام جي ٽيڪسن تي هلندڙ ادار آخر ڪار پنهنجا فرض ڪڏهن پورا ڪندا، انهن کي اهو اندازو ئي نه آهي ته دهشت گرد ڪيتري قدر نه خطرناڪ نموني سان سڄي بلوچستان ۾ ڦرندا وتن ٿا، بلوچستان جي صورتحال مان اهو ٿو معلوم ٿئي ته ڄڻ روم سڙي رهيو آهي ۽ نيرو بانسري وڄائي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.