مچ واقعو ۽ مديني جي رياست جو تصور کڻي هلندڙ حڪمران!

تحرير:ايڊووڪيٽ عبيد الله ڇڄڻ

بلوچستان هجي يا سنڌ ڌرتي، اُتي جي رهواسين کي طويل عرصي کان رت سان رنڱيل لاش ڏيڻ جا منظر نه کُٽندڙ آهن، اهڙي طرح ايراضي جي لحاظ کان ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا، زيارت، خضدار کان ويندي مچ تائين مختلف شهرن ۾ تشدد جا واقعا ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي، انهن ۾ خاص ڪري هزاره برادري سدائين دهشتگردن جي نشاني تي رهي آهي ۽ انهن تي ڪيئي ڀيرا قيامت صغريٰ برپا ٿي آهي، جڏهن سندن ماڻهن کي گوليون هڻي ماريو ويو آهي ۽ متاثر هڪ ئي وقت ڪيترائي جنازا کڻندا رهيا آهن. ڪجهه وقت پهرين به بلوچستان اندر هڪ اهڙي ئي ڪارروائي سامهون آئي هئي، جڏهن ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيتن کي نشانو بنايو ويو هو، تنهن دوران به وڏو ٻڙدڪ متو هو، پر افسوس ته تنهن وقت به قاتل نه منظرعام تي آيا ۽ نه ئي کين گرفت ۾ آڻڻ لاءِ ڪي اثرائتا قدم کنيا ويا، هاڻ به جڏهن مچ ۾ المناڪ واقعو ٿيو آهي ته ان واقعي ۾ به ڪا اهڙي اميد ناهي ته ذميوارن کي پڪڙيو ويندو.

بلوچستان جي علائقي مچ ۾ 6 ڏينهن اڳ جيڪو دردناڪ واقعو پيش آيو آهي، تنهن بابت ٻُڌايو ٿو وڃي ته هزاره برادريءَ جي 11 پورهيتن کي مزدوريءَ دوران رات جي وقت اغوا ڪيو ويو ۽ جابلو علائقي ۾ کين کڻي وڃي بيدرديءَ سان گوليون وسايون ويون، اهڙي ڪارروائيءَ دوران سندن هٿ پير به ٻَڌا ويا، اهڙي واقعي کانپوءِ بلوچستان سميت پوري ملڪ ۾ نه رڳو افسوس جي لهر ڇانيل آهي پر سخت احتجاج جو سلسلو به جاري آهي، ٻئي طرف پوري دنيا ۾ اهڙي واقعي تي ملڪ جي ساک کي نقصان پهچي رهيو آهي.

مچ ۾ پورهيتن جي قتلام بعد هزاره برادري جيڪا مذهبي طور تي اهل تشيع سان واسطو رکي ٿي، واقعي کانپوءِ هي سٽون لکڻ تائين ڇهين ڏينهن به ڪوئيٽا ۾ احتجاجي ڌرڻو جاري هو ۽ يارنهن ئي لاش هن سخت سيءَ ۾ روڊ تي رکي احتجاج ڪيو پئي ويو. سياري جي سرد موسم جيتوڻيڪ پوري ملڪ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آندو آهي، ڪوئيٽا اهو شهر آهي، جتي غيرمعمولي ٿڌ رڪارڊ ڪئي ويندي آهي، پر ان جي باوجود سانحي جي خلاف متاثر ماڻهو پنهنجي پيارن جا لاش کڻي کليل آسماني هيٺ انصاف لاءِ ٻاڏائي رهيا آهن،

هزاره برادري جي ان احتجاج جي خاتمي لاءِ جيتوڻيڪ وفاقي حڪومت ۽ بلوچستان جي حڪومت به وڏا وس ڪري رهي آهي پر انهن جو مطالبو آهي ته نه رڳو معاملي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، بلوچستان حڪومت مستعفي ٿئي بلڪه وزيراعظم عمران خان پاڻ اچي کين انصاف ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي. پر افسوس ته حڪمران ڌرڻي واري هنڌ پهچڻ بجاءِ رڳو بيان ڏيڻ ۾ پورا آهن، وزيراعظم عمران خان جيڪو ملڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو هجڻ ڪري هن وقت تمام وڏي منصب جو ڌڻي آهي، پر هو جيڪڏهن متاثرن وٽ وڃڻ بجاءِ ٽوئيٽر تي بيان ڏئي خاطريون ڪرائيندو رهي ته اها انتهائي افسوس جي ڳالهه چئبي، موجوده وزيراعظم ته رياست مدينه جو تصور کڻي اڳيان وڌڻ جو خواهشمند رهيو آهي پر هي ڪهڙي انا ۽ خود غرضي آهي جو وزيراعظم به مظاهرين وٽ پهچڻ لاءِ تيار ناهي ۽ ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪري ٿو ڇڏي ته اوهان لاش دفنائي ڇڏيو ۽ بعد ۾ هُو ڪوئيٽا اچي ساڻن ملاقات ڪندو!؟

اسان جي خيال ۾ وزيراعطم صاحب جي ٽوئيٽر ذريعي اهڙي جواب تي جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي. حالانڪه بلوچستان جي حڪومت به وفاقي حڪومت جي اتحادي آهي، واقعي بعد وفاقي حڪومت جي ٻين ڪابينا ميمبرن سان گڏوگڏ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ڌرڻي واري هنڌ وڃي پهتو ۽ مقتولن جي وارثن سان ڳالهيون به ڪيون ۽ احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ زور به ڀريو پر مظاهرين اهو شرط رکي ڇڏيو ته جيستائين وزيراعظم عمران خان پاڻ هلي نه ايندو، تيستائين هو نه احتجاج ختم ڪندا ۽ نه ئي پنهنجي پيارن جا لاش دفنائيندا.ساڳي ريت حڪومت مخالف ڌرين طرفان به سخت بيان بازي ڪئي پئي وڃي، جيڪا يقينن هڪ روايت ئي بڻجي وئي آهي، باقي جيڪڏهن ڪنهن جي دل ۾ حقيقي معنيٰ ۾ ڪو درد هجي ها ته اڄ هن لڱ ڪانڊاريندڙ سيءَ ۾ انهن مقتول جي وارثن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي احتجاج ۾ شامل ٿي يڪجهتي جو اظهار ڪيو وڃي ها.

ڪجهه ڏينهن پهرين پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز صاحبه طرفان اهڙي واقعي جي مظاهرين وٽ پهچڻ لاءِ ڪوئيٽا وڃڻ جو اعلان به ڪيو ويو، ان ڏس ۾ مريم نواز جو چوڻ هو ته هوءَ پنهنجي پيارن جا مڙهه دفنائڻ لاءِ منٿ ميڙ کڻي وڃي رهي آهي. پر ڏٺو وڃي ته بلاول ڀٽو زرداري صاحب يا مريم نواز صاحبه جو اهڙي ڏکي گهڙي ۾ مظاهرين وٽ اچي شامل ٿيڻ ڪو جواز ڪونهي، بلڪه اها هُنن سميت سڀني سياسي ڌرين مٿان ذميداري عائد ٿي ٿئي ۽ وقت جي تقاضا ۽ احتجاجن جي گهُر دوران اهڙن سياسي ليڊرن جي اچڻ سان سٺو سنئوڻ ثابت ٿيندو آهي. هن وقت انهن مقتولن جي وارثن وٽ وڃڻ سان ڪي شهيد ٿيل پورهيت واپس ته ڪونه اچي سگهندا پر انهن جي وارثن جي دل کي انصاف ڏيارڻ لاءِ آٿت ضرور ملي سگهندو ۽ شايد سندن اهو قدم مظاهرين کان ڌرڻو ختم ڪرائڻ ۾ به ڪارائتو بڻجي، ساڳيءَ ريت وزيراعظم عمران خان کي به هن ڏکي مهل تي پهرين فرصت ۾  ڪوئيٽا پهچڻ گهرجي.

بلوچستان جي مچ واري علائقي ۾ پيش آيل اهڙي دردناڪ واقعي تي لکڻ دوران اسان کي ڪوئيٽا سميت مختلف شهرن ۾ پيش آيل اهي دهشتگردي جون ڪارروايون به ياد اچن ٿيون جن ۾  هن وقت تائين وڏي انگ نه صرف بلوچ پر سنڌ سان تعلق رکندڙ ماڻهو قتل ٿيندا رهيا آهن، تن واقعن سان گڏ اسان کي ڪوئيٽا بار جي انهن مهذب پيشي سان سلهاڙيل وڪيل ڀائرن جو دردناڪ ۽ شرمناڪ واقعو به اکين آڏو تري ٿو اچي، جن کي ڪجهه سال پهرين تخريبڪاري جو منصوبو جوڙي شهيد ڪيو ويو هو، جڏهن ڪوئيٽا جي عدالت اندر هڪ وڪيل سان واقعو پيش آيو ۽ جڏهن سڀ وڪيل پنهنجي ساٿي جي واقعي تي اسپتال پهچن ٿا ته اتي انهن دهشتگردن پلان تحت ٻيو حملو ڪيو ۽ پوءِ ڪيئي وڪيل شهيد ڪيا ويا هئا پر اڄ تائين انهن مقتول وڪيلن جي پونيئرن کي ڪو انصاف نه ملي سگهيو، جنهن ڪري موجوده حڪمرانن کي ان ڳالهه جو اندازو نه هوندو ته انهن جي گهرن اندر ڪهڙي ڏکي گهڙي ۽ ڪيفيت هوندي، نه ئي ڪنهن حڪومت يا وري ڪنهن ٻئي انهن شهيدن جي وارثن جي سار لڌي آهي يا انهن جي اولاد لاءِ ڪو ٻوٽو ٻاريو آهي. ان حوالي سان سڀ ڪو چڱي طرح ڄاڻ رکي ٿو.

بهرحال، مچ واقعي کانپوءِ بلوچستان جي ڪوئيٽا اندر جتي احتجاج جي باهه ڀڙڪيل آهي ته ساڳئي وقت آيل رپورٽن موجب پوري ملڪ جي چئني صوبن سان گڏ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي کان ڪشمور تائين به مختلف سياسي سماجي توڙي مذهبي ڌرين طرفان واقعي خلاف سخت احتجاج ڪيو پيو وڃي ۽ گهر ڪئي پئي وڃي ته مقتولن جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي، ان ڪري حڪمرانن کي احساس ڪرڻ گهرجي ته بلوچستان ۾ هن دردناڪ واقعي کانپوءِ ڇهين ڏينهن هن شديد ٿڌ ۾ جتي هزاره برادري سراپا احتجاجي ڌرڻو هڻي ويٺل آهي ۽ هنن پنهنجي پيارن جا لاش به ناهن دفنايا، ان لاءِ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ جي وزيراعظم عمران خان کي اهڙي اذيتناڪ واقعي کانپوءِ بنا دير ڌرڻي واري هنڌ پهچي انهن مقتولن جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ جو آٿت ڏيڻ گهرجي ته جيئن انهن شهيدن جي تدفين ٿي سگهي ۽ سندن تڙپندڙ روحن کي سُڪون ملي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.