هڪ ڪميٽيڊ تخليقڪار جو جنم ڏينهن

تحرير:ڊاڪٽر ثمينه واحد

سنڌ جي اها خوش قسمتي رهي آهي جو تاريخ ۾ هتي اهڙا ڪردار پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي فن، فڪر ۽ فلسفي حيات ۾ انسانيت لاءِ امن، ڀائيچاري ۽ محبت جو پيغام ڏنو آهي. اهي عظيم ذهن پنهنجي پرک ۽ پروڙ سان من ۾ محبتون پائي رنڊا روڙي سنڌ ۽ سنڌي ادب جي وشال جهول ۾ پنهنجي پنهنجي حصي جا گلاب ارپي قوم کي جياري ڇڏيو آهي.

حنيف سوڍر به اهڙن نور نچوئيندڙ ڪردارن جو تسلسل آهي. هو پنهنجي فن ۽ فڪر سان ڪميٽيڊ رهيو آهي. جيتوڻيڪ منهنجي ساڻس ڪا روبرو ملاقات ته ناهي ٿي، پر سوشل ميڊيا تي سندس قلمي ۽ علمي وهڪري کان آشنائي ضرور ٿي آهي. جڏهن به ساڻس فون تي ڪچهري ٿيندي آهي ته سندس گفتگوءَ مان روشن خيالي جرڪندي محسوس ٿيندي آهي. مارڪس ازم، لينن ازم کان ويندي ڪيپيٽل ازم، جديديت، مابعد جديديت ۽ ٻين ڪيترن ئي نظرين تي ساڻس بحث مباحثا ٿيندا آهن. ته مڃڻو پوندو آهي نه وٽس سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڏاهپ ۽ ادراڪ سندس سنجيدگي، علم، مسلسل مطالعي ۽ تجربن جو نتيجو آهي.

حنيف سوڍر جي قلمي ۽ علمي وهڪري ۾ ڪڏهن به ماٺار نٿي اچي سگهي. اهو مان ان ڪري ٿي چوان جو هو نه صرف شعور سان تعلق رکندڙ آهي، نظرياتي هجڻ سان گڏ سندس ادب سان روح جو رشتو جڙيل آهي. ماضي قريب ۾ جڏهن مون سندس ڪهاڻي ”ڪاري“ پڙهي ته منهنجي اکين مان لڙڪ لڙي پيا. جنهن مان سندس ذهني ۽ قلمي وسعت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته هو پنهنجي همعصر ساٿين جي صف ۾ علمي بصيرت ۽ سائنسي دانشمندي رکندڙ تخليقڪار آهي.

شاعريءَ جي محور ۾ حنيف سوڍر جي جيڪا سچائي آهي، سا سچ ته قدر لائق آهي. هن سائنٽيفڪ انداز سان پنهنجن احساسن ۽ جذبن کي پنهنجي ڏات، ڏانءَ ۽ انوکي اسلوب سان فن ۾ اوتڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، جنهن سبب وٽائون منطقي جهلڪون خوب ملن ٿيون. حنيف سوڍر وٽ سماج لاءِ جيترو جذبو، احترام ۽ قدر آهي، وٽس سچ لکڻ جي جرئت به اوتري آهي. مون جيتريقدر هن جي شاعري ۽ نثر کي پرکيو ۽ پرجهيو آهي، ته مان ايترو ضرور چونديس ته هو نثر ۽ نظم جي جديد لاڙن، صنفن ۽ فني گهاڙيٽن ۽ ان جي وسيع زاوين ۽ پهلوئن کان نه صرف چڱي نموني آشنا آهي پر علم جي سمنڊ کي سوجھي منجهانئن هٿ آيل موتين کي داخلي توڙي خارجي معنائن ۾ پنهنجي منفرد انداز سان سماج جي آڏو آڻي ٿو. اهو ئي سبب آهي جي هن جو فن سان پيار جي بدولت، اتساهه، همت ۽ حوصلي جا ڪيترائي پهلو سامهون ايندا آهن. هڪ تخليقڪار لاءِ اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن ان جي عشق جو محور پنهنجو ديس هجي. يقينن نتيجي ۾ ان جي تحريري توڙي تقريري بيان منجهان جنم ڀوميءَ جو ورثو ڪيئن نه نکاربو…! ڪيئن نه ان جي رڳ رڳ ۾ اباڻي ڏيهه جو آبِ امرت گردش ڪندو…!

حنيف سوڍر اهڙن تخليقڪارن منجهان هڪ آهي، جيڪو نه صرف شاعر، ڪهاڻيڪار، ڪالم نويس ۽ ڊراما نگار آهي پر هڪ خوبصورت مصور پڻ آهي. اها حقيقت آهي ته جڏهن ڪو ڪميٽيڊ شاعر ڪوري ڪاغذ تي قلم جي ذريعي پنهنجا خيال، جذبا ۽ احساس يا تجربا اوتي، ۽ ان جي تحريرن منجهان ديس جي مٽيءَ جو هڳاءُ نه اچي؟ يا ان جي شاعريءَ جو ڪو سماجي ڪارج نه هجي؟ ته اهو ناممڪن آ. ان جي تحريرن ۾ سماجي عڪس ڪيئن نه اڀرندو…! بيشڪ ادب سماج آئينو آهي. اهڙا ڏاها تخليقڪار ئي هر دور ۾ پنهنجي فن ۽ فڪر ذريعي انساني احساسن ۽ جذبن جا ترجمان رهيا آهن، ان سبب ڪري ئي سندن ڪيل جفاڪشيءَ کي دنيا سماجي دور جو آئينو تصور ڪري ٿي. اهي واديون ۽ زرخيز علائقا جتي خوشين جي خزانن جي موٽ ۾ پکين جون لاتيون من کي موهيندڙ هجن ۽ اوچتو ان ماحول ۾ خاموشي ۽ بي انت سناٽو جاڳي پوي، ته اتي ڪنهن جي اندر منجهان ڪنهن فرعون جي وڏي ڄمار لاءِ دعائون ڪيئن ٿيون اڀري سگهن!؟ يا سدائين آباد ۽ هلچل ۾ رهندڙ شهرن توڙي ڳوٺن جي ڪچين توڙي پڪين سڙڪن، پيچرن، روڊن، رستن يا چوراهن تي ڪو هٿ ۾ هٿ ڏئي زندگيءَ جو سهارو بڻيو هجي، يا ڪا ڪنول جي گل وانگي معصوم زندگي ڪنهن سهاري جي چيچ پڪڙي پير تي پير رکي پنڌ ڪرڻ سکي رهي هجي يا ڪا زندگي اکين ۾ روشنين جا خواب سجائي روز اميدن ۽ آسن جي راهه جي راهي ٿيندي هجي،

ايئنءَ هر طرف زندگي چهل قدمي ڪندي هجي، جيڪڏهن اتي اهڙيون جايون ڪنهن قدرتي يا مصنوعي حادثي جو شڪار ٿيڻ سبب سنسان ۽ ويران ٿي وڃن ته پوءِ اهو آواز اونداهيءَ ۽ خاموشيءَ جي ڇاتي چيري ڪيئن نه اٿندو؟ جنهن ۾ تقدير بدلائڻ جو سڏ هوندو آهي! اهڙي ۾ ڇا هڪ سچي تخليقڪار جون تخليقي صلاحيتون سمنڊ جي سيني تي ڊوڙون پائيندڙ اڻ ٿڪ ۽ اٽوٽ ڇولين جي اوٿر وانگي اڀري طاقتور موج جون مالهائون ثابت نه ٿينديون؟ تڏهن هڪ سچو ۽ ڪميٽيڊ تخليقڪار پنهنجي فن کي سماجي ڪارج بڻائڻ لاءِ پنهنجون ذهني توڙي جسماني قوتون انفراديت بجاءِ اجتماعيت تي انڪري خرچ ڪندو آهي، ته جيئن بيمار سماج لاءِ دوا درمل جو ڪو جوڳو سبب بڻجي سگهن.

حنيف سوڍر جي ڪهاڻين ۽ شاعريءَ مان به اهڙيون ئي جهلڪون اوٿر کائيندي نظر اچي رهيون آهن. اڄ شخصي طور تي متاثرڪن مزاج رکندڙ ان ڏات ڌڻي ”حنيف سوڍر“ جو جنم ڏينهن آهي، کيس هن پُرمسرت موقعي تي ان اميد ۽ دعا سان مون طرفان کوڙ ساريون واڌايون هجن ته هو سنڌي قوم ۽ ادب جي خدمت ڪندو رهي ڪڏهن به پنهنجي پڙهندڙن کي مايوس ٿيڻ نه ڏئي. دعا آهي ته هو سدا شاد آباد رهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.