امر انسان محمد حُسين ترڪ

تحرير:

محترمه سائين محمد حُسين ترڪ صاحب. 11 فيبروري 1916ع ۾ بدين جي ڳوٺ گهڙي ۾ محمد سليمان ترڪ جي گهر ۾ جنم ورتو . پاڻ جڏهن سمجهه لائق ٿيو ته اقراءَ سان اقرار ڪري ڳوٺ جي مڪتب ۾ داخل ٿيو جتي سندس والد محترمه تعليم جي زيور سان نوازڻ لاءِ داخل ڪرايو. جتي هن قُرآن پاڪ جي تعليم مڪمل ڪئي. ۽ سنڌي پرائمري جا ٽي کان پنج درجا سٺن نمبرن سان پاس ڪيائين.

5 مئي 1927 ۾ لاڙ جي هڪ اعليٰ درس گاهه لارنيس مدرسه اسڪول ٽنڊو باگو ۾ انگريزي تعليم لاءِ داخل ڪيو ويو. جتان هن مئٽرڪ بمبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪئي. 1933ع ۾ حيدرآباد جي ڊي،جي نيشنل ڪاليج ڏيارام گدو مل ڪاري موري ڪاليج ۾ داخل ٿيو. محمد حسين ترڪ صاحب انٽر جي ٻئي سال ۾ ڪراچي جي ڊي ، جي سنڌ سائنس ڪاليج ۾ 1934 ع ۾ داخلا ورتي.  بمبئي يونيورسٽي ذريعي مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ سڄي سنڌ ۾ ٻين پوزيشن حاصل ڪئي. اسڪالر شپ ملڻ ڪري سندس اڳتي تعليم ممڪن بڻجي وئي. انٽرجي لاءِ هو 1933ع ۾ داخلا ورتي اڳتي پڙهائي جاري رکڻ لاءِ هن ڪراچي جي پورٽ ٽرسٽ ۾ 50 روپيه ماهوار پگهارتي ڪلرڪ جي نوڪري به ڪئي ۽ هن انهي دوران سنڌ مدرسه ڪاليج مان بي، اي  ۽ ايم،اي اڪنامڪس سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين سندس ايم ، اي اڪنامڪس جي ٿيسز جو عنوان Industrial Development of Karachi  هو. جيڪا سنڌ يونيورسٽيءَ جي اها لکيل پهرين ٿيسز آهي. ان بعد محمد حُسين ترڪ صاحب جي سنڌ يونيورسٽي جي پهرين ڊپٽي رجسٽرار طور مقرري ٿي. ان کان بعد 1959ع ۾ ترڪ صاحب کي رجسٽرار مقرر ڪيو ويو.

سنڌ يونيورسٽي ۾ 22 سال ملازمت دوران کيس وقتي وائيس چانسلر به مقرر ڪيو ويو. يونيورسٽي جي ملازمت دوران هن ملڪ کان ٻاهر وڃي يونيورسٽي جي نمائندگي به ڪئي. 1963ع ۾ هو لنڊن به ويو جتي نائين ڪامن ويلٿ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين. هن دنيا جي مڃيل يونيورسٽين کي وڃي ڏٺو. جن ۾ لنڊن  شيفلڊ  ، هل ، برسٽل، مانسچر، ايڊنبرگ ، يارڪ يونيورسٽي ، يونيورسٽي ڪاليج آف سوانسي شامل آهن. هن جرمني ۾ فرينڪرٽ يونيورسٽي ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ ،“مشرقي علوم ۽ مذهبي تعليم جي ماضي، حال ۽ مستقبل” جي عنوان سان اتان جي شاگردن کي ليڪچر ڏنو. هن انگلينڊ  جي يونيورسٽي مان يونيورسٽي ايڊمنسٽريشن ۾ ڪورس پڻ ڪيو ترڪ صاحب مصر ، انگلينڊ، اسڪاٽلينڊ، جرمني، فرانس سميت مختلف مُلڪن جو مطالعاتي دورا پڻ ڪيا.

ترڪ صاحب جي ڪوشش سان لاڙڪاڻي ۾ ڪاليج آف ڪامرس اينڊ اڪنامڪس قائم ٿيو. هن سنڌ جي سڀني هاءِ اسڪولن جو سنڌ يونيورسٽي سان الحاق ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. هن ٽنڍي باگي هاءِ اسڪول ۽ اسلاميه ڪاليج سکر لاءِ گرانٽون منظور ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي. سندس تعاون سان ٽنڊو محمد خان ۾ ڪاليج ۽ ڊگهڙي ۾ بيسڪ هيلٿ سينٽر، يوسي آفيس ۽ پرائمري اسڪول ۽ مڊل اسڪول قائم ڪيو. ۽ پنهنجي زمين مفت فراهم ڪئي، هن ڄامشوري ۾ انجينئرنگ ڪاليج قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون. پوءِ جڏهن مهراڻ يونيورسٽي قائم ٿي ته انهي  يونيورسٽي کي هلائڻ لاءِ پاليسيون، اصول، قائدا قانون به ترڪ صاحب پاڻ لکيا. جيڪي اڄ به رائج آهن. محمد حُسين ترڪ يونيورسٽي جو رجسٽرار هو ڄڻڪ يونيورسٽي جو اهم انتظامي آفيسر ٿي رهيو. سندس ڳالهائڻ جو طريقو، سندس لکت، سندس اُٿ ويهه مطلب ته ڪاروباري زندگي جي هرشعبي ۾ هو پنهنجو مٽ پاڻ هو. ترڪ صاحب سنڌي ادبي بورڊ جو 1984ع کان 1988 تائين چار سال سيڪريٽري ۽ ايڊوائيزر پڻ رهيو.

پاڻ هڪ سٺو منتظم هو سدائين زبان تي ڪنٽرول هوندو هئس. ننڍي توڙي وڏي سان هڪ جهڙي انداز سان ملندو هو عورتن جي علم جو طرفدار هوندو هو. سندس ٻئي  نياڻيون 20 گريڊ مان رٽائرڊ ٿيل آهن. پٺاڻو اولاد محمد خالد ترڪ، مرحوم. سنڌ اسلاميه ڪاليج ۾ مقرر هو. سندس ٻيو پٽ محمد اسلم ترڪ ٽيڪنيڪل ڪاليج بدين، محمد عارف ترڪ صاحب بئنڪ آفيسر. محمد عابد ترڪ صاحب ايگري ڪلچر ۽ مرحوم زاهد حسين ترڪ اسسٽنٽ پروفيسر پوليٽيڪنيڪل ڪاليج دادو سان لاڳا پيل رهيا.

محمد حُسين ترڪ صاحب اسان سڀني سنڌ واسين کان 8 جنوري 1992ع تي وڇڙي وڃي ابدي ننڊ ۾ آرامي ٿيو مگر  اسان لاءِ ڪيتريون يادون جوڙي ويو. شل الله کيس جنت الفردوس عطا ڪري. :آمين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.