ڪراچي ۾کنڊ وري 8 رپيا في ڪلو مهانگي، کاڄرو تيل جو اگهه به وڌي ويو

ڪراچي ( م ڊ ) ڪراچي ۾ کنڊ جي قيمت هڪ ڀيرو ٻيهر وڌي وئي آهي، شهر ۾ کنڊ هول سيل ريٽ تي 88 رپيا ڪلو تائين پهچي وئي  آهي.مارڪيٽ ذريعن موجب ڪراچي ۾ ٽن ڏينهن دوران کنڊ جي قيمت ۾ 8 رپين تائين واڌ ٿي آهي، هول سيل ريٽ 88 ڪلو ٿيڻ بعد ريٽيل ۾ کنڊ 90 کان 95 ۽ ڪٿي 100 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي. شهرين هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته کنڊ جي قيمت وڌڻ حڪومت جي ناڪامي آهي. هوڏانهن کاڄرو تيل به في ڪلو تي 70 رپيا مهانگو ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.