پ پ پاران پي ٽي آءِ حڪومت خلاف ريفرنس داخل ڪرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( م ڊ ) پيپلزپارٽي، پي ٽي آءِ حڪومت خلاف ريفرنس داخل ڪرائڻ لاءِ عدالتن سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.  ان سلسلي ۾ پيپلزپارٽي حڪومت خلاف ريفرنس داخل ڪرائڻ جي سلسلي ۾ ڪميٽي به جوڙي ڇڏي آهي. ڊان نيوز سان ڳالهائيندي پيپلزپارٽي جي سيڪريٽري جنرل نئير حسين بخاري چيو ته پيپلزپارٽي جي لائرز ڪميٽي حڪومت جي ڪرپشن خلاف ريفرنس داخل ڪندي،  ڪميٽي حڪومت جي ڪرپشن ۽ بدعنوانين جي نشاندهي ڪندي، 6 رڪني ڪميٽي ۾ سردار لطيف کوسا، حيدر زمان قريشي، امجد اقبال قريشي، سيدمجبتي حيدر شيرازي، شڪيل عباسي ۽ سيد جروار بخاري شامل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.