سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ ۾ ٻوڏ جو پاڻي 15 ڏينهن اندر نيڪال ڪرڻ جو حڪم

حيدرآباد(رپورٽ: اشوڪ راماڻي) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي عدالت ۾ سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ ضلعن جي برساتي ٻوڏ جو پاڻي 6 مهينا گذرڻ باوجود نيڪال نه ٿيڻ خلاف آئيني  پٽيشن داخل، پٽيشنر پاران عدالت کي ذميوران خلاف جوڊيشل انڪوائري، پاڻي جي قدرتي لنگهن تان قبضا ختم، برساتي پاڻي نيڪال ۽ برسات متاثرن جي مالي سهائتا ڪرائڻ جي استدعا، عدالت ۾ پٽيشن تي ٻڌڻي ڪندي چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري آبپاشي، سيڪريٽري روينيو، ڊپٽي ڪمشنرز سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ سميت ٻين لاڳاپيل ذميوارن کي 15 ڏينهن اندر برسات متاثر علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي، پاڻي جي قدرتي گسن تان قبضا ختم ڪرائڻ ۽ برسات متاثرن جي مالي واهر ڪرڻ سميت ٽنهي ضلعن جي ڊي سيز کي علائقن ۾ وڃي کليون ڪچهريون منعقد ڪري برسات متاثرن جا مسئلا ٻڌڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ ضلعن جي برسات متاثر علائقن مان برساتي پاڻي 6 مهينا گذرڻ باوجود نيڪال نه ٿيڻ خلاف پٽيشنر مير محمد نهڙي پاران پنهنجي وڪيل ايڊووڪيٽ شوڪت راهمون، ڪانجي ميگهواڙ ۽ خميسو چوهاڻ معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي عدالت ۾ داخل ڪيل آئيني پٽيشن تي ڪالهه ٻڌڻي ٿي. ڊبل بئنچ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس امجد سهتو پٽيشن تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران پٽيشنر جي وڪيل عدالت کي دليل ڏنا. جنهن بعد عدالت پٽيشن تي ڪارروائي ڪندي پٽيشن ۾ ڌر ڄاڻايل ذميوارن چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري ايريگيشن، سيڪريٽري روينيو، ٽن ضلعن سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي ڊپٽي ڪمشنرن سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي ٽنهي ضلعن جي برسات متاثر علائقن مان 15 ڏينهن اندر برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جڏهن ته عدالت اختيارين کي اهو به حڪم ڏنو آهي ته پاڻي جي قدرتي لنگهن تان قبضا ختم ڪرائي برسات متاثرن جي مالي مدد ڪئي وڃي. جڏهن ته عدالت ٽنهي ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي پڻ حڪم ڏنو آهي ته اهي برسات متاثر علائقن ۾ وڃي کليل ڪچهريون منعقد ڪري برسات متاثرن جا اهنج ٻڌي انهن جو ترت تدارڪ ڪن. پٽيشنر پاران عدالت ۾ داخل ڪيل آئيني پٽيشن ۾ اهو موقف  اختيار ڪيو ته آگسٽ 2020 ۾ سڄي سنڌ سميت سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ پڻ تيز برساتون پيون. جنهن جي نتيجي ۾ لاڳاپيل اختيارين جي نااهلي ۽ بدانتظامي سبب برساتي ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي. لکين ماڻهو اڃا تائين روڊن تي بنا رليف جي بي يارومددگار کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. صورتحال جي ذميوارن خلاف عدالتي انڪوائري ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.