سنڌ سڀا جي بک هڙتال جاري، سنڌي انعام ۽ ٻين جي ضمانت درخواست رد

حيدرآباد( رپورٽر/ پ ر) اوٻاوڙي ۾ سنڌ سڀا جي قافلي تي پوليس حملي، نياڻين تي تشدد ۽ ڪيس داخل ڪرڻ خلاف چوٿين ڏينهن به حيدرآباد پريس ڪلب تي سنڌ سڀا اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ ساڃاهه وندن جي بک هڙتال هلندڙ آهي. مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال تي ويٺل جهوني قوم پرست ڪارڪن حسين ڏاهريءَ جي طبيعت ٻيهر بگڙجي وئي.  مٽياري لاڪپ ۾ سنڌي انعام، نور باگڙي ۽ ٻين جي بک هڙتال به جاري آهي. حيدرآباد پريس ڪلب آڏو هنيل ڌرڻي ۾ سنڌ سڀا ڪارڪنن سميت سڄي ڏينهن دوران مختلف سياسي، سماجي پارٽين جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ وڪيلن پڻ شرڪت ڪئي، جڏهن ته هڪ ڀيرو طبيعت خراب ٿيڻ بعد اسپتال مان واپس اچي ٻيهر بک هڙتال تي ويٺل جهوني قوم پرست ڪارڪن حسين ڏاهريءَ جي طبيعت ٻيهر بگڙجي وئي. هوڏانهن هالا ڪورٽ ۾ سنڌي انعام  ۽ سندس ساٿين جي ضمانت واري درخواست کي عدالت رد ڪري ڇڏيو،  ان حوالي سان ڳالهائيندي بک هڙتالي ڪئمپ تي آيل سنڌ سڀا جي اڳواڻ جي وڪيل پئنل ۾ شامل سينيئر قانوندان عبدالرزاق ٽالپر جو چوڻ هو ته آئين جي دشمنن طرفان حالات ۽ موقعي جي مناسبت سان انعام سنڌي کي روڪڻ, ڪوڙن ڪيسن ۽ ان جدوجھد ۾ نت نيون رڪاوٽن وسيلي کيس گھڻو وقت قيد ۾ رکڻ جي ڪوششون جاري آھن جڏھن ڪورٽ کيس ضمانت تي آزاد ڪرڻ واري ھئي ته ضلع پوليس آفيسر وسيلي روڪڻ ۽ بعد ۾ ATC ڪورٽ جي سيڪشنس جي گيم ڪندي ضمانت ڏيندڙ ڪورٽ جي جورسڊڪشن ختم ڪري  روڪيو ويو  ڪيس کي وري ٻئي دھشتگردي ڪورٽ ڏانھن موڪليو ويو آھي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.