غيرقانوني الاٽمينٽ ڪيس ۾ آغا سهيل پٺاڻ جي ضمانت ۾ واڌ

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين آغا سهيل پٺاڻ جي غيرقانوني الاٽمينٽ ڪيس ۾ 28 جنوري تائين ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي، عدالت ۾ آغا سهيل پٺاڻ پيش ٿيو ، ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر جواب جمع ڪرڻ لاءِ مهلت طلب ڪندي چيو ته آغا سهيل پٺاڻ خلاف سرڪاري زمين غيرقانوني طور الاٽ ڪرڻ واري معاملي جي جاچ هلندڙ آهي، عدالت نيب کان جاچ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي .

ڪراچي بار پاران عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي بار ايسويشن پاران مچ  (ڪوئيٽا)۾ 11پورهيت قتل ڪرڻ واري واقعي جي خلاف اڄ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي .جڏهن ته ڪراچي بار جي پاران واقعي جي سخت مذمت ڪئي وئي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.