عمران خان ڪوئيٽا پهچي هزاره برادري جو ڌرڻو ختم ڪرائي: ملاله يوسفزئي

ڪراچي ( م ڊ ) نوبل انعام يافته ملاله يوسفزئي وزيراعظم عمران خان کي اپيل ڪئي آهي ته اهو ڪوئيٽا ۾ ڌرڻي واري هنڌ پهچي هزاره برادري جي ماڻهن جي لاشن جي تدفين ڪرائي. ٽوئٽ ڪندي ملاله يوسفزئي چيو ته وٽس هزاره برادري سان ڏک ونڊڻ لاءِ لفظ ناهن، اهو پهريون ڀيرو ناهي جو هزاره برادري جي ماڻهن سان ائين ٿيو هجي، اميد آهي ته اهو آخري ڀيرو هوندو.

فيصل ايڌي جي مچ سانحي خلاف ڪوئيٽا ۾ جاري ڌرڻي ۾ شرڪت

ڪوئيٽا ( م ڊ )  ايڌي فائونڊيشن جي سربراهه فيصل ايڌي مچ سانحي خلاف جاري ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ ڪوئيٽا پهچي ويو آهي.  فيصل ايڌي مچ سانحي ۾ شهيد ٿيل پورهيتن جي وارثن ۽ هزاره ڪميونٽي جي برادري سان ملاقات ڪئي. واضح رهي ته مچ سانحي خلاف ڪوئيٽا ۾ هزاره برادري جو احتجاج جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.