دهشتگرد ملڪ ۾ داخل ڪيئن ٿا ٿين؟ علامه رضي جعفري

ڪراچي (رپورٽر) جعفريه الائنس پاڪستان جي صدر علامه سيد رضي جعفري جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ دهشتگردي ضياءُ الحق جي زماني کان  شروع ٿي هئي ۽ ملڪ ۾ هاڻوڪي دهشتگردي جي به سڀني کي خبر آهي ماڻهن جا  هٿ ۽ پير ٻڌي قتل ڪيو پيو وڃي،اسان جا حڪمران دعويٰ ڪري رهيا آهن ته ملڪ مان دهشتگردي ختم ڪئي وئي آهي، دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ شايد اسان جي حڪمرانن وٽ ڪوبه رستو ناهي اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪانفرنس دوران ڪندي ڪيو، هن چيو ته اسان جي ملڪ جي سربراهن کي جائزو وٺڻ گهرجي تي ملڪ ۾ دهشتگرد ڪيئن ٿا داخل ٿين، هن چيو ته ڪوئيٽا ۾ 11 خاندانن جا لاش روڊ تي پيل آهن پر ملڪ جي وزيراعظم کي وارثن سان تعزيت لاءِ به ٽائيم نٿو ملي،دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ حڪومت ۽ ايجنسين کي متحرڪ ٿيڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.