لاش افغانين جا ناهن، وزيراعظم ڪوئيٽا جو ڌرڻو ختم ڪرائي: ايم ڊبليو ايم

ڪراچي ( م ڊ ) مجلس وحدت المسلمين جي سربراهه علامه ناصر عباس هڪ ڀيرو ٻيهر مطالبو ڪيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪوئيٽا ۾ ڌرڻو  هڻي ويٺل مچ سانحي جي متاثرن سان ملاقات ڪري. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي علامه ناصر عباس چيو ته وزيراعظم کي گهرائڻ اسان جو نه پر شهيدن جي وارثن جو مطالبو آهي، شهيدن جا وارث چاهين ٿا ته وزيراعظم اچي ۽ کين تسلي ڏئي. علامه ناصر عباس وڌيڪ چيو ته عمران خان کي عوام ووٽ ڏنو آهي، ان مان اميدون آهن، اسان جو مطالبو آهي ته وزيراعظم متاثرن وٽ آهي ۽ دهشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. هوڏانهن ايم ڊبليو ايم اڳواڻ آغا رضا چيو آهي ته بلوچستان حڪومت جو ترجمان غلط بياني پيو ڪري، ڌرڻي ۾ رکيل لاش افغانين جا نه آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.