ڪوئٽا ( م ڊ ) بلوچستان حڪومت جي ترجمان لياقت شاهواڻي مچ ۾ هزارا ڪميونٽي جي ماڻهن جي شهادت معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کي اڄ سنجيدگي ڏيکارڻ گهرجي ها، پر اها قطعي نظر نه آئي. ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته اسان کي توقع هئي ته اڄ پوائنٽ اسڪورنگ نه ٿيندي ۽ هزارا برادري جي زخمن تي مرهم رکندا ۽ حوصلو ڏيندا، پر افسوس ته هنن سياسي پوائنٽ اسڪورننگ ڪئي ۽ ائين نه چيو ته مڙهه جي تقدس کي نظر ۾ رکندي دفنايا وڃن، مخالف ڌر لاشن تي سياست ڪري پئي، هن چيو ته افغان حڪومت خط لکي چيو آهي ته ان ۾ 7 افغاني شهري آهن، ان لاءِ مڙهه سندن حوالي ڪيا وڃن لياقت شاهواڻي هڪ ڀيرو ٻيهر ڌرڻو هڻي ويٺلن کي پنهنجي پيارن جا لاش دفنائڻ جي اپيل ڪئي.