انٽرا پارٽي چونڊ، بلاول ٻيهر پيپلزپارٽي جو چيئرمين چونڊجي ويو

ڪراچي ( م ڊ ) پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري انٽرا پارٽي چونڊن دوران ٻيهر پارٽي جو چيئرمين چونڊجي ويو. ذريعن موجب  پيپلزپارٽي پاران انٽرا پارٽي چونڊون ڪرايون ويون، جنهن دوران بلاول ڀٽو جي مقابلي ۾ چيئرمين طور ڪنهن به ڪاغذ جمع نه ڪرايا ۽ اهڙي ريت بلاول ڀٽو زرداري ٻيهر پارٽي جو چيئرمين چونڊجي ويو. ان کان علاوه نئير بخاري پارٽي جو سيڪريٽري جنرل، فيصل ڪريم ڪنڊي اطلاعات وارا سيڪريٽري چونڊيا ويا، جڏهن ته رخسانه بنگش ناڻي واري سيڪريٽري چونڊنجي وئِي. ذريعن موجب سمورا عهديدار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.