سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪارونجهر تي تحقيق جو حڪم

حيدرآباد/مٺي(رپورٽ:اشوڪ راماڻي/غازي بجير) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪارونجهر جبل تي تحقيق جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ، چيف سيڪريٽري  سنڌ کي ڪميٽي ۾ يونيسڪو ۽ سياحت کاتي سوڌو ٻين شعبن جي ماهرن کي شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، عدالت ڪارونجهر کي عالمي ورثو قرار ڏيڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي چئن هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ٿر سان تعلق رکندڙ وڪيلن درخواستگذارن ايڊووڪيٽ فقير منور ساگر، تيرٿ جهانگي ۽ الهرکيو کوسو پاران  سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بينچ ۾ داخل ڪرايل  پٽيشن  جي  سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنھور ۽ امجد سھتو  تي مشتمل بيچ ٻڌڻي ڪئي، جنهن تي عدالت ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي بند ڪري، ڪارونجهر کي ثقافتي ورثو قرار ڏيڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي چئن هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. داخل ڪيل پٽيشن ۾ ڪارونجهر جي ڪٽائي بابت عوامي آواز ۾ لڳل خبرون به رڪارڊ جو حصو بڻايون ويون آهن، انسلسلي ۾ پٽيشنر فقير منور ساگر، تيرت جھانگي،الله رکيو کوسو ۽ ٻين ٻُڌايو ته عدالت سڳوري 4 ھفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ٻين کي  نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، مٺي:ڪارونجهر کي غيرقانوني طريقي سان ڪٽائي ڪري قيمتي پٿر چوري ڪري کڻڻ جو سلسلو ڪيترن ئي ورهين کان هلندڙ هو، جنهن جي خلاف سنڌ واسين پاران مختلف وقتن تي سخت احتجاج پُڻ ڪيا ويا هئا،اُنهي سان گڏ سنڌ هاءِ ڪورٽ سميت سيشن ڪورٽ ٿرپارڪر طرفان ڪجهه وقت اڳ پٿر کڻڻ خلاف اسٽي آرڊر پُڻ جاري ڪيو هو، جنهن بعد ڪارونجهر جو پٿر کڻڻ وارو ڪم بند ٿي ويو هو،پر تازو ڪجهه ڏينهن کان وري ساڳيو ڪم شروع ٿي ويو هو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.