زين آفندي جو قتل ٽارگيٽ ڪلنگ ٿي سگهي ٿو: پوليس

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ قتل ڪيل زين آفريدي واري معاملي جي جاچ جاري آهي، جاچ اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته زين آفندي جو قتل  ٽارگيٽ ڪلنگ ٿي سگهي ٿو، ٻئي پاسي واقعي جي جاچ لاءِ ايس ايس پي ايسٽ جي سربراهي ۾ جاچ ٽيم جوڙي وئي آهي، جاچ پوليس موجب زين آفندي جي ملازمن کان جاچ ڪئي وئي آهي جن پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو آهي ته هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿيندي ئي زين آفندي جي ڪمري بابت پڇيو ۽ ساڻ وٺي ان جي ڪمري تائين پهتا ته انهن درواز ٽوڙي زين علي کي فائرنگ ڪري ٿڏي تي قتل ڪيو، ان دوران هنن زين آفندي جو لائسنس وارو پسٽل، سندس گهر واري کان سونو هار ۽ موبائل فون به  کسيا، ملازمن جي بيان موجب هٿياربندن گهر مان ٻي ڪابه شيءِ نه کنئي، هو 3 لڳي 25 منٽن تي گهر ۾ داخل ٿيا ۽ 55 منٽن تائين گهر ۾ موجود رهيا، زين آفندي پاران ڪمري جو در نه کولڻ سبب هو وڌيڪ وقت تائين موجود رهيا. جاچ پوليس موجب هٿياربندن ٽارگيٽ ڪلنگ جي واردات جا ثبوت نه ڇڏڻ خاطر گهر مان ڦر ڪرڻ جو رنگ ڏنو. پوليس موجب ڪيس هاءِ پروفائل آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻئي پاسي ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ جي حڪم تي واقعي جي جاچ لاءِ ايس ايس پي ايسٽ ساجد امير سدزوئي جي سربراهي ۾ 6 رڪني ٽيم جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ ايس پي جمشيد ڪواٽر فاروق بجاراڻي، ڊي ايس پي درخشان زاهد حسين، ايس ايڇ او فيروز آباد اورنگزيب خٽڪ ۽ ايس ايڇ او جمشيد ڪواٽر امتياز احمد شامل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.