ناصر شاهه جي ڪراچي ۾ ڌرڻن ۾ شرڪت

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي مذهبي معاملن ۽ اطلاعات وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه گذريل رات دير سان  مچ سانحي جي وارثن سان يڪجهتي لاءِ نمائش چورنگي ۾ جاري احتجاجي ڌرڻي ۾ پهچي ويو. سنڌ جي وڏي وزير جو ڪوآرڊينيٽر شهزاد ميمڻ پڻ ساڻس گڏ هئا. ان موقعي تي ميڊيا جي نمائندن ۽ ڌرڻي کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان اظهار يڪجهتي لاءِ ڌرڻي ۾ آيا آهيون ته جيئن هن ظلم جي خلاف آواز بلند ڪري سگهجي. هن  چيو ته عمران خان کان مطالبو ڪيان ٿو ته هو انتظامي طور تي نه صحيح پر اخلاقي طور تي وارثن سان ملڻ وڃي ته جيئن شهيدن کي تدفين ٿي سگهي. هن چيو ته ملڪ ۾ نيشنل ايڪشن پلان تحت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. وفاقي حڪومت جي نااهلي  جي ڪري هزاره ڪميونٽي سان ڳالهيون ناڪام ٿيون آهن. بعد ۾ ناصر حسين شاهه نيو ڪراچي ۽ سهراب ڳوٺ ۾ احتجاجي ڌرڻن ۾ شريڪ ٿيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.