مريم نواز ملڪ دشمنن کي موقعو پئي فراهم ڪري: فردوس عاشق

لاهور (م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير جي خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مريم نواز پنهنجي بيانن سان ملڪ دشمن عنصرن کي موقعو فراهم ڪري رهي آهي، هو وزيراعظم تي هرون ڀرون تنقيد ڪري پنهنجو رويو نه بدلايو، وزيراعظم ملڪي مفاد جي لاءِ ڪم ڪرڻ ۾ پُرعزم آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪوئيٽا ۾ شهيدن جا وارث مريم ۽ بلاول کان پي ڊي ايم ۾ لڪيل نانگن جو ضرور پڇن، جن انتهاپندي ۽ دهشتگردي جي سوچ کي هٿي ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو، ن ليگ کي لاشن تي سياست چمڪائڻ جي پراڻي عادت آهي. هن چيو آهي ته عوام کي بنيادي حقن جي تحفظ جو يقين ڏيارڻو آهي، عام ماڻهو لاءِ روز مره وارين شين جي دستيابي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، يوٽيلٽي اسٽورز ۾ عام شهرين کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.

مچ سانحي تي پيپلز پارٽي گندي سياست پئي ڪري: حليم عادل

ڪراچي: پي ٽي آءِ جي سنڌ اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته مچ سانحي تي پيپلز پارٽي گندي سياست  ڪري رهي آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ان وقت اوهان ماڊل ٽائون سانحي ۾ ڇو نه ويا ۽ عباس ٽائون سانحي جي متاثرن وٽ ڇو نه ويا هئا. هن احتجاج کي اوهان پي ڊي ايم جو جلسو بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيوته سويلين ۽ پاڪستان جي فوج جي هزارين اهلڪارن جانيون قربان ڪيون اسان کي پتو آهي ته انڊيا پنهنجي ايجنٽن کي بارڊر پار ڪرائي ٿو. هن چيو ته ايف سي جي جوانن کي شهيد ڪيو ويو اوهان جي وات مان ڪو جملو نڪتو. هن چيو ته دهشتگرد جنهن معصوم کي قتل ڪيو هجي ان ڦاهي ڏيڻ گهرجي جنهن فوج تي حملو ڪيو ان کي به ڦاهي ڏيڻ گهرجي. 03

وزيراعظم هڪ نه سئو ڀيرا ڪوئيٽا وڃي: سراج الحق

لاهور (بيورو)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته حڪومت دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻ ۾ ناڪام ، معصوم ماڻهن کي چوڪن چوراهن روڊن رستن ۾ بيدردي سان ڪٺو پيو وڃي. مچ ۾ درندگي ۽ بربريت جو مظاهر ڪيو ويو جيڪڏهن وزير اعظم جي وڃڻ سان وارثن کي تسلي ملي ٿي ته ان کي هڪ ڀيرو نه پر سو ڀيرا وڃڻ گهرجي. مديني جي اسلامي رياست جو اهو ئي مطلب آهي هوڏانهن سينيٽر سراج الحق جاويد قصوري ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ قافلو وٺي ڪسوال کان هزاره ڪميونٽي جي ڌرڻي ۾ شرڪت جي لاءِ روڊ جي ذريعي سان ڪوئٽا روانو ٿي ويو آهي.

صحافين جي رهائشي اسڪيمن ۾ ترقياتي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي ( رپورٽر ) صوبائي وزير اطلاعات ۽ بلديات سيد ناصر حسين چيو آهي ته جيڪڏهن ملڪ ۾ صحافين جي ڀلائيءَ جو ڪم ٿيو  آهي ته اهو صرف پاڪستان پيپلز پارٽي ڪيو آهي. سنڌ حڪومت ميڊيا هائوسز کي اربين رپين جون رهتون  ادا ڪري ڇڏيون آهن ته جيئن صحافين ۽ ميڊيا ورڪرن کي پگهارون وقت تي جاري ٿي سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب جي دوري جي موقعي تي نئين چونڊيل باڊي ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي اطلاعات کاتي ميڊيا هائوسز جون رهتون سيلري اڪائونٽس ۾ جاري ڪرڻ جي تجويز تيار ڪئي هئي پر قانوني رڪاوٽن جي ڪري ان تجويز تي عمل درآمد نه ٿي سگهيو. هن چيو ته سنڌ پهريون صوبو آهي جتي ايڊورٽائيزنگ ايجنسين کي صرف 15سيڪڙو ادائيگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي ۽ بقايا 85 سيڪڙو ادائيگيون سڌو ميڊيا هائوسز کي ڪيون پيون وڃن ته جيئن ميڊيا هائوسز کي ادائيگين ۾ دير نه ٿئي. صوبائي وزير اطلاعات سنڌ سيد ناصر حسين شاهه چيو ته صحافين جي رهائشي اسڪيمن ۾ ترقياتي ڪم جي حڪم ڏئي ڇڏيا آهن. هن چيو ته هو فاضل جميلي. رضوان ڀٽي، وحيد راڄپر ۽ ان جي پوري ٽيم کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪيان ٿو.

وزيراعظم انا ختم ڪري، متاثرن جا لڙڪ اُگهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي ( رپورٽر ) ترجمان سنڌ حڪومت ۽ صلاحڪار قانون، ماحوليات ۽ سامونڊي ترقي بيريسٽر مرتضيٰ وهاب وفاقي وزير مراد سعيد جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو ته مراد سعيد سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي جو معائنو ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجي کاتي جي طرف ڌيان ڏئي ته وڌيڪ بهتر آهي. هن چيو ته هزاره برادري جي مائريون ۽ ڀينريون  پنهنجن پيارن جي ميتون رکي احتجاج ڪري رهيون آهن پر وزيراعظم جي بي حسي آهي ته هو هن وقت تائين انهن وٽ نه ويو آهي ۽ وزيراعظم جا ترجمان هن سانحي کان توجهه هٽائڻ لاءِ الزام تراشي ۽ غليظ زبان تي لهي آيا آهن ۽ وفاقي وزير مچ سانحي جي شهيدن جي زخمن تي لوڻ وجهي ڪري توجهه هٽائي رهيا آهن.

ڪراچي ۾دهشتگردي جا هڪ هزار 813 ڪيس اڪلايا ويا

ڪراچي (رپورٽ  : ماريا اسماعيل ) ڪراچي جي  دهشتگردي ٽوڙعدالتن ۾ سال 2020ع ۾ هڪ هزار 813 ڪيس اڪلايا ويا، عدالتن ۾ 2 هزار 460 ڪيسن  سميت هڪ هزار 66 دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا،  791ڪيس ٻئي عدالت منتقل ڪيا ويا.سال 2020ع دوران ڌماڪيدار مواد، اغواڪري زيادتي  سميت دهشتگردي جا ڪيس شامل آهن، 60سيڪڙو ڪيس اڪلايا ويا آهن. جڏهن  ته دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن ،لياري جي ڪارڪنن، بندش پيل تنظيمن  توڙي ڪراچي آپريشن ۾ گرفتار جوابدارن جا ڪيس شامل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.