ڳڙهي ياسين ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، زال قتل، مڙس زخمي

ڳڙهي ياسين ( شهمير علي جمالي )  ڳڙهي ياسين ڀرسان ڳوٺ کنڊ معرفاڻي ۾ جميل معرفاڻي جي گهر تي فائرنگ ، فائرنگ جي نتيجي ۾  جميل معرفاڻي سخت زخمي زال 25 ورهين جي مسمات ڀائل قتل ، اهڙي واقعي جو اطلاع ڳڙهي ياسين پوليس کي ڏنو ويو مگر ڳڙهي ياسين پوليس واقعي واري هنڌ تي پهچي زخمي ٿيل جميل احمد کي اسپتال آندو جنهن کي فرسٽ ايڊ ڏئي لاڙڪاڻو اسپتال اماڻيو ، هوڏانهن ذريعن کان ڄاڻ ملي آهي ته مامرو ڪارنهن تي ٿيو آهي ، مقتولا عورت کي ڪارنهن الزام هيٺ ماريو ويو آهي ۽ ڪارنهن جي الزام هيٺ آيل همراهه فائرنگ ڪري عورت جي مڙس کي زخمي ڪيو آهي، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.