ڪراچي (رپوٽر) هوم بيسڊ ورڪرز وومين ۽ سول سوسائيٽي پاران ڪوئيٽا سانحي جي مزدورن جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف گذريل ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري ۾ ڪامريڊ زهرا، ،ڪرامت علي صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي، مظاهري ۾ اڳواڻن چيو ته مچ ۾ قتل ٿي ويل مزدورن جي خاندانن سان انصاف ڪيو وڃي، انهن پورهتن جو تعلق هزارا برادريءَ سان هو ۽ اهو پهريون واقعي ناهي ماضي ۾ به ڪيترائي ڀيرا اهڙا واقعا ٿيا آهن، ان موقعي تي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته مچ واقعي جي اسان مذمت ٿا ڪيون ۽ ملڪ جي وزيراعظم جي ذميواري آهي ته هو هنن و ٽ لڙي وڃي پر اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هو گذريل پنجن ڏينهن کان روڊن تي پنهنجي پيارن جا لاش رکيون ويٺا آهن پر وزيراعظم عمران خان کي آخر ڇو نٿو وڃي. 03