شيخ ڀرڪيو ۾ ٽيپ وڏي آواز ۾ هلائڻ تان جوابدار هٿان ماسات قتل

شيخ ڀرڪيو (رپورٽ: جان محمد خاصخيلي ) شيخ ڀرڪيو ڀرسان پٻڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي باگو ٽنگڙي ۾ جوابدار جبار ٽنگڙي ٽيپ وڏي  آواز ۾ وڄائڻ تان  بندوق جا سڌا  فائر ڪري پنهنجي سڳي ماسات 21  ورهين جي سائينداد عرف شڪيل احمد ٽنگڙي کي قتل ڪري ڇڏيو. پٻڻ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ  سول اسپتال حيدرآباد روانو ڪيو جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو. پوليس قتل ۾ گھربل جوابدار جبار ٽنگڙي کي بندوق سميت گرفتار ڪري ورتو. ٻئي طرف علائقي ۾ چئوٻول هئا ته واقعو ڪارنهن الزام سبب پيش آيو، جڏهن ته واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگھيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.