بش ڪيپيٽل هل واقعي کي بنانا ريپبلڪ سان ڀيٽي ڇڏيو

واشنگٽن( م ڊ) آمريڪي ڪانگريس جي عمارت ڪيپيٽل هل تي حملي واري واقعي جي  بنانا ريپبلڪ سان تشبيهه ڏئي ڇڏي آهي.  ان سلسلي ۾ هن چيو ته تڪراري چونڊون بنانا ريپبلڪ ۾ ٿين ٿيون، نه ڪي آمريڪا جهڙن جمهوري ملڪن ۾. جارج ڊبليو بش چيو ته ڪجهه سياستدانن غير ذميواري به ڏيکاري. هوڏانهن اڳوڻي صدر باراڪ اوباما چيو ته  ايوان تي حملو حيرت جوڳو ئي نه پر شرم جوڳو به آهي.03

نصرت وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ،  اسپيڪر جا دلچسپ جملا

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ميمبرن وچ ۾ دلچسپ جملي جي ڏي وٺ ٿي. اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ جي ڊي اي جي عورت ميمبر نصرت سحر عباسي وچ ۾ بحث به ٿيو. ڪالهه نصرت سحر عباسي ويڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿي. سوالن جوابن واري وقفي دوران صوبائي وزير شبير بجاراڻي سان مخاطب ٿيندي چيو ته الله اوهان کي ڪورونا مان شفاءَ ڏئي جنهن تي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته ڪورونا ته ڪورونا آهي. آغا سراج دراني نصرت سحر عباسي کي چيو ته مون کي ڪورونا ناهي ٿيو اوهان کي ڪورونا ڪيئن لڳو؟ اوهان کي ڏسي ته ڪرونا ڀڄي ويندو جنهن تي نصرت سحر عباسي چيو ته جيولاجيڪل سروي جي رپورٽ مون کي ڏني وڃي اسپيڪر جواب ڏنو ته اوهان کي ڪوريئر ذريعي موڪلي سگهون ٿا. اسپيڪر چيو ته اوهان مون تي الزام لڳائينديون آهيو ته مائيڪ بند آهي اوهان پاڻ پنهنجو مائيڪ بند ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.