1812ع بعد آمريڪي پارليامينٽ تي پهريون حملو

واشنگٽن( م ڊ) آمريڪي ڪانگريس تي 1812ع بعد پهريون حملو ڪيو ويوآهي.  1812ع ۾ برطانيا پاران ڪيپيٽل هل تي حملو ڪيو ويو هو. واضح رهي ته آمريڪين برطانيا کان 1777ع تي آزادي ورتي هئي. برطانوي سامراج 1812 ع ۾ آمريڪي ڪانگريس تي حملو ڪيو. 03

ٽوئيٽر ۽ فيس بوڪ  تڪراري بيانن تي ٽرمپ کي بلاڪ ڪري ڇڏيو

واشنگٽن( م ڊ) تڪراري بيانن تي ٽوئيٽر ۽ فيس بوڪ ڊونلڊ ٽرمپ کي بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي. ٽوئيٽر آمريڪي صدر ٽرمپ جا چڙ ڏياريندڙ پيغام هٽائڻ بعد کيس 12 ڪلاڪن لاءِ بلاڪ ڪري ڇڏيو. فيس بُڪ به پاليسين جي ڀڃڪڙي تي ٽرمپ کي 24 ڪلاڪن لاءِ بلاڪ ڪري ڇڏيو. 03

آمريڪا جي ڪاروباري گروپن ٽرمپ کي ڪڍڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

واشنگٽن( م ڊ) آمريڪا جي ڪاروباري گروپن ۽ ڪمپنين ڪيپيٽل هل واقعي کان پوءِ ڊونلڊ ٽرمپ کي صدارتي دفتر مان ٻاهر ڪڍڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. انهن ۾ ايگزون، موبل فائرز، ٽويوٽا موٽرز سميت 14 هزار ڪمپنين جي گروپ به ٽرمپ جي نيڪالي جي حمايت ڪئي. 03

ڪيپيٽل هل حملن بعد قومي سلامتي جو نائب صلاحڪار ۽ ٻيا مستعفي

واشنگٽن( م ڊ) آمريڪا ۾ ڪيپيٽل هل حملن بعد استعيفائن جي قطار لڳي وئي. آمريڪا جو قومي سلامتي جو نائب صلاحڪار ۽ ٻيا مستعفي ٿي ويا. خاتون اول  ميلانيا ٽرمپ جو چيف آف اسٽاف، سوشل سيڪريٽري به ڇڏي ويا. وائيٽ هائوس جو اڳوڻو پريس عهديدار سارا ميٿيوز به عهدو ڇڏي ڏنو. هن  حملي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته هن کي صدمو رسيو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.