غوثپور لڳ جاگيراڻي ڌرين ۾فائرنگ،نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي

غوثپور( ن ع آ ) ڪچي واري علائقي ڳوٺ سومر جاگيراڻي ۾ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻي هلندڙ خوني تڪرار تان جهيڙو ٻنهي  ڌرين جي هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ مکڻ عرف محرم جاگيراڻي ٿڌي تي قتل ٿي ويو جڏهن ته مراد علي ڌر جا ٻه ڄڻا لطف ۽ حاجي جاگيراڻي زخمي ٿي پيا جڏهن ٻنهي ڌرين ۾ فائرنگ جو سلسلو هلندڙ آهي ياد رهي ته ٻنهي ڌرين ۾ ٽي سال اڳ شڪار جي معاملي تان جهيڙو هلندڙ آهي ٻنهي ڌرين جا 10 کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن ٻنھي ڌرين ۾ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي اطلاع ملڻ باوجود ڪشمور ضلعي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ن پهتي فائرنگ سبب علائقي ۾خوف حراس پکڙجي ويو ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.