آمريڪا ۾ جمهوريت جي گهيراءُ تي دنيا حيران پريشان

نيويارڪ(م ڊ) آمريڪا ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي حامين پاران حملي بعد عالمي اڳواڻن ۽ مختلف حڪومتن پاران ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي  مذمت ڪئي وئي آهي، برطانيا جي وزيراعظم بورس جانسن پنهنجي مذمتي بيان ۾ چيو ته آمريڪي ڪانگريس ۾ شرمناڪ منظر آهن، آمريڪا سڄي دنيا ۾ جمهوريت سان گڏ بيهندو آهي ۽ هاڻي ضروري ٿي پيو آهي ته پرامن ۽ قاعدن مطابق اقتدار جي منتقلي ٿئي، يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه جوزف بوريل چيو ته دنيا جي نظرن ۾ اڄ آمريڪي جمهوريت گهيراءُ ۾ آهي، انهن منظرن کي ” آمريڪي جمهوريت جي توهين قرار ڏيندي هن چيو ته اهو آمريڪا ناهي، 3 نومبر جي چونڊن جي نتيجن جو احترام ڪرڻ گهرجي، فرانس جي صدر ايمانوئيل ميڪرون چيو ته اسان جمهوريت تي سوال اٿاريندڙ ڪجهه ڇڪتاڻ پسندن جو ساٿ نه ڏينداسين، فرانس جي پرڏيهي وزير جيان يووين لي ڊريان چيو ته اهو جمهوريت تي بدترين حملو آهي، جرمني جي پرڏيهي وزير هيڪوماس ٽرمپ جي حامين کي جمهوريت کي نقصان پهچائڻ کان پاسو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، هن چيو ته جمهوريت جا دشمن واشنگٽن ۾ اهي اڻ وڻندڙ تصويرون ڏسي خوش ٿيندا.  ڪئناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊون چيو ته آمريڪي راڄڌاني جا منظر جمهوريت تي هڪ حملو آهي، ان حملي تي ڪئناڊا جا ماڻهو پريشان ۽ ڏکويل آهن، آسٽريليا  جي وزيراعظم اسڪاٽ موريسن چيو ته اسان انهن ڏوهاري قدمن جي مذمت ڪريون ٿا، اميد آهي ته عظيم آمريڪي جمهوري روايتن مطابق نئين چونڊيل انتظاميا کي پرامن حڪومت منتقل ڪئي ويندي، نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جسينڊا آرڊن چيو ته جمهوريت ۾ ماڻهن جو آواز ٻڌڻو پوندو، ان فيصلي کي هڪ هجوم ذريعي غيرموثر نه ڪرڻ گهرجي، نيدرلينڊ جي وزيراعظم مارڪ روٽ چيو ته واشنگٽن ڊي سي جون خوفناڪ تصويرون اچي رهيون آهن، ٽرمپ ايندڙ صدر طور جو بائيڊن کي تسليم ڪري،ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چيو ته جمهوري عمل کي ڪنهن غيرقانوني احتجاج ذريعي تبديل ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، هوڏانهن روس  چيو آهي ته آمريڪي مدي خارج اليڪٽورل نظام جمهوري قدرن تي پورو نٿو لهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.