ٽرمپ حامين آمريڪي جمهوريت جي چنڊ کي گرهڻ لڳائي ڇڏيو

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا ۾ جوبائيڊن جي ڪاميابي جو اعلان ٿي ويو، صدارتي چونڊ نتيجن خلاف ڊونلڊ ٽرمپ جي حامين پارليامينٽ عمارت ڪيپيٽل هل تي ڪاهه ڪري ڇڏي، چڪرين ۾ عورت سميت چار ڄڻا مارجي ويا آهن. آمريڪي ڪانگريس ۾ ڊيموڪريٽڪ اميدوار جوبائيڊن جي ڪاميابي جي منظوري لاءِ ڪانگريس اجلاس هلڻ دوران ٽرمپ حامي اندر گهڙي آيا. جن ڀڃ ڊاهه ۽  نعريبازي شروع ڪري ڇڏي. جنهن بعد چڪريون شروع ٿي ويون، جن ۾ عورت سميت چار ڄڻا مارجي ويا. حملي دوران ڪانگريس ميمبرن سيٽن هيٺان لڪي جان بچائي.  چڪرين بعد واشنگٽن ۾ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي. ڪرفيو سبب آمريڪا جي گادي واري شهر جا رستا سنسان ٿي ويا آهن جڏهن ته احتجاج ڪندڙ ماڻهو به گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا آهن.ان کان اڳ ڊونلڊ ٽرمپ جي هزارين حامين پاران ڪيپٽل هل تي چڙهائي دوران چڪريون ٿيون ، چڪرين دوران  ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو پڻ استعمال ڪيو ويو.  فائرنگ ۾ زخمي ٿيل عورت اسپتال ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي، جنهن بعد مارجي ويلن جو انگ چار ٿي ويو آهي. شهر جون حالتون خراب ٿيڻ بعد  عوامي نمائندن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ڊونلڊ ٽرمپ پاران پنهنجي حامين کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي آمريڪي ڪانگريس جي گڏيل اجلاس ۾ صدارتي چونڊن جي نتيجن ۾ بائيڊن جي ڪاميابي جي منظوري ڏني وئي. جوبائيڊن 20 جنوري تي آمريڪا جي 46هين صدر طور حلف کڻندو. جوبائيڊن جي ڪاميابي تي ٽرمپ جا حامي آپي مان نڪري ويا. ان کان اڳ آمريڪي سينيٽ پينيسلوانيا جي چونڊ نتيجن تي ٽرمپ جي حامين جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا. آمريڪي نائب صدر مائيڪ پينس به چونڊ نتيجن تي ريپبلڪن پارٽي جا 3 اعتراض رد ڪيا. مائيڪ پينس به چيو ته ٻاهر وڳوڙ ڪندڙن چونڊ ناهي کٽي، تشدد ڪڏهن به ناهي هارايو. هوڏانهن ڊونلڊ ٽرمپ پهريون ڀيرو باضابطا طور شڪست مڃي ورتي آهي. هن پنهنجي سوشل ميڊيا ڊائريڪٽر ذريعي بيان ۾ چيو ته اعتراضن باوجود 20 جنوري تي صدارتي اختيارن جي منتقلي ٿيندي. هن چيو ته عظيم آمريڪا بڻائڻ واري جدوجهد جاري رهندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.