جوبائيڊن کي مبارڪ، اميد ته اقتدار جي منتقلي پرامن رهندي: پاڪستان

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان نئين چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن کي ووٽن جي ڳڻپ کانپوءِ فتح جي تصديق تي مبارڪون ڏنيون آهن. پرڏيهي  کاتي جي ترجمان موجب واشنگٽن ڊي سي ۾ ٿيندڙ واقعن تي نگاهه آهي، اميد ته آمريڪا ۾ اقتدار جي منتقلي جو معاملو جلد حل ٿي ويندو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري چيو آهي ته ڀارت اندرين ڏڦيڙ تان ڌيان هٽائڻ لاءِ خطي ۾ بدامني پکيڙي رهيو آهي. اسلام آباد ۾ هفتيوار پريس بريفنگ دوران زاهد حفيظ چوڌري چيو ته ڀارت اندرين ڏڦيڙ تان ڌيان هٽائڻ لاءِ خطي ۾ بدامني پکيڙي رهيو آهي هن چيو ته ڪرڪ ۾ مندر ڊاهڻ خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي، سرڪار ان ايف آءِ آر ۾ مدعي آهي جنهن سان هن جي اقليتن جي حوالي سان پاليسي جو عڪس ظاهر ٿئي ٿو. ڀارتي اندريون دٻاءُ گهٽ ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي خلاف گندي پروپيگنڊه ڪندو رهيو آهي، ڀارت پاڻ رياست طور پنهنجي اقليتن سان امتيازي سلوڪ پيو ڪري، هو ان حيثيت ۾ ناهي جو ڪنهن جاءِ ڳالهائي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.