پارلياماني سيڪريٽرين جي معاوضن ۾ واڌ، سرڪاري ۽ مخالف ميمبرن ۾ ڏند چڪ

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ اسيمبلي پارليماني سيڪريٽريز جي مراعتن ۽ پگهارن ۾ اضافي جو ترميمي قانون منظور ڪري ورتو. اپوزيشن طرفان به ترميم جي مخالفت نه ڪئي وئي. ايوان جي ڪارروائي دوران 3 سرڪاري  بل به متعارف ڪرايا ويا جن ۾ نشي وارين شين تي ڪنٽرول سنڌ ترميمي بل 2021، سنڌ چائلڊ تحفظ اٿارٽي ترميمي بل 2021ع ۽ ليٽرز آف ايڊمنسٽريشن اينڊ سڪسيشن سرٽيفڪيٽس بل 2021ع شامل آهن. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڪالهه اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو.  مچ سانحي جي شهيدن سميت ڪورونا وبا سبب فوت ٿيل ماڻهن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. پارلياماني سيڪريٽرين جي ترميمي بل تحت سنڌ ۾ پارلياماني سيڪريٽرين جي سرڪاري مراعت، الائونسن ۾ واڌ ڪئي وئي. هاڻ پارليماني سيڪريٽري کي 50 هزار رپين جو خاص الائونس ڏنو ويندو ۽ کيس سنڌ اسيمبلي جي ميمبر طور پگهار ۽ مراعتون ملنديون. پارليماني سيڪريٽري کي ڊرائيور سميت سرڪاري گاڏي به ڏني ويندي. پارلياماني سيڪريٽري کي 10 هزار رپيا خاص الائونس به ملندو. پارلياماني سيڪريٽري لاءِ اعزازيه جي رقم 150 مان وڌائي هڪ هزار رپيا ڪئي ويندي. پارليماني سيڪريٽري کي گريڊ 21 جي برابر 45 هزار رپيا ماهوار هائوس رينٽ الائونس به ڏنو ويندو. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جا پنج ميمبر مڪاني، صحت، قانون، آبپاشي، زڪوات ۽ عشر جي پارلياماني سيڪريٽري آهن. پارليماني معاملن واري وزير مڪيش ڪمار چاولا ترميمي بل پيش ڪندي چيو ته مراعتن ۾ واڌ سان سرڪاري ناڻي تي فرق نه پوندو. ايم ڪيو ايم ميمبر محمد حسين چيو ته هڪ طرف ته سنڌ حڪومت پاڻ چوي ٿي ته وسيلن جي کوٽ آهي ۽ ٻئي طرف پارلياماني سيڪريٽرين جي مراعتن ۾ واڌ ڪئي وئي جيڪو عمل غلط آهي.  هوڏانهن سنڌ جي معدنيات ۽ معدني ترقي واري وزير شبير علي بجاراڻي چيو آهي ته ٿرپارڪر ڪارونجهر ۾ گرينائٽ جا 36 ملين ٽن ذخيرا موجود آهن، سنڌ حڪومت مائننگ آرڊر 2007 تحت گرينائٽ ڪڍڻ لاءِ پرمٽ جاري ڪري ٿي، ان علائقي ۾ هڪ ڪمپني کي 6 ليز ڏنيون ويون آهن ۽ اهي سموريون ليز ڪارونجهر جبل ويجهو مائيننگ لاءِ ڏنيون ويون آهن. سنڌ اسيمبلي ۾ معدنيات کاتي بابت ميمبرن جي لکت توڙي ضمني سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. شبير علي بجاراڻي ٻڌايو ته هڪ پارٽي ڪيتري ليز وٺڻ چاهي ٿي ان تي ڪا به پابندي ناهي ۽ جيڪو به چاهي مائيننگ جو ڪم ڪري سگهي ٿو. اسان جي ٽيم دورو ڪرڻ کان پوءِ ليز جي اجازت ڏيندي آهي. هن چيو ته ٿرپارڪر جي ماڻهن احتجاج ڪيو هو ته اهي اسان جا وسيلا آهن ان کان پوءِ اتي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي ڪو به اتي ڪم نٿو ڪري سگهي. ان حوالي سان هڪ ڪميٽي جوڙي وئي هئي جنهن پنهنجي رپورٽ سنڌ جي وڏي وزير کي ڏئي ڇڏي آهي کوٽائي جو ڪم رڳو سنڌ جا ماڻهو ئي نه پر ٻين صوبن جا ماڻهو به اچي ڪري سگهن ٿا. سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ چيو آهي ته جن ماڻهن وفاق ۾ ويهي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙيو، هاڻ اهي ئي ماڻهو سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ حڪومت تي بنا سبب تنقيد ڪري رهيا آهن. اهڙو اظهار هن ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي ميمبر ارسلان تاج گهمڻ جي هڪ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي ڪيو. ارسلان تاج جو چوڻ هو ته سنڌ اسيمبلي 13 جون 2019ع تي پوليس آرڊر پاس ڪيو هو جنهن تحت پبلڪ سيفٽي ڪميشن جو قيام ٿيڻو هو ۽ دسٽرڪٽ پبلڪ سيفٽي ڪميشن به ٺهڻي هئي پر افسوس ته اڃا تائين ڊسٽرڪٽ پبلڪ سيفٽي ۽ پوليس ڪمپلينٽس ڪميشن نه جوڙيا ويا. هن چيو ته وڏي وزير پاڻ وٽ ڪيترائي قلمدان رکيا آهن جيڪڏهن جواب ڪنهن وزير کي ئي ڏيڻو آهي ته قلمدان به ڪنهن ٻئي کي ڏنو وڃي جنهن تي صوبائي وزير امتياز شيخ جواب ڏيندي چيو ته اسان وٽ چونڊيل ماڻهو آهن اهو شڪر آهي جو هن اهو مڃي ورتو ته حڪومت وٽ قابل ماڻهو آهن. امتياز شيخ چيو ته وڏو وزير ڪوئٽا ويو اهو اهم قومي اشو آهي جنهن کي ڪوئٽا وڃڻ گهربو هو اهو نه ويو پر اسان جو چيئرمين ويو آهي. هن سردي جي موسم ۾ سوڳوار 11 ميتون کڻي ويٺا آهن پر وزيراعظم کي احساس نه ٿيو امن جي ذميواري وفاق جي آهي. هن چيو ته هي ويا نه پر تنقيد سنڌ جي وڏي وزير تي ڪري رهيا آهن انهن ماڻهن وفاق ۾ ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي ۽ هتي اسيمبلي ۾ به اهڙا ئي سوال ڪن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.