ملير ايڪسپريس وي تي خدشا، روٽ جي دوري تي آيلن آڏو متاثر سراپا احتجاج

کوکراپار (رپورٽ: عنايت قمبراڻي ) ضلعي انتظاميا ۽ ملير مان چونڊيل نمائندن تي مشتمل وفد طرفان ملير ايڪسپريس وي رٿا جي روٽ جي دوري دوران متاثر آبادگارن احتجاجي مظاھرو ڪيو،ڊپٽي ڪمشنر ملير گھنور  علي لغاري، مختيارڪارن، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر نياز سومرو،  پبلڪ پرائيويٽ پاٽنرشپ جي ڊائريڪٽر خالد محمود شيخ ۽ ملير مان چونڊيل نمائندن ايم اين اي سردار ڄام عبدالڪريم جوکيو ، ايم اين اي آغا رفيع الله، ايم پي اي راجا رزاق، ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ،  پي ايس 88 تي نامزد ايم پي اي اميدوار يوسف مرتضيٰ بلوچ،  ضلعي ڪائونسل ڪراچي جي اڳوڻي چيئرمين سلمان عبدالله مراد تي مشتمل وفد  گڏجي ملير ايڪسپريس وي رٿا جي روٽ جو دورو ڪيو، وفد ملير ندي جي  مائي نياڻي وٽ پھتو ته وڏي تعداد ۾ متاثر آبادگار پھچي ويا، جن حاجي عبدالغني ميمڻ، حاجي عزيز الله ميمڻ ، نسيم پرويز ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي.  ۽ ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن کي پنھنجن خدشن کان آگاھ ڪندي کين اعتماد ۾ نه وٺڻ جي شڪايت ڪئي.ڊپٽي ڪمشنر ملير گھنور خان لغاري صحافين کي ٻڌايو ته ايڪسپريس وي 36 ڪلوميٽر ڊگھو ۽ 300 فٽ ويڪرو آھي اھا رٿا قيوم آباد ڄام صادق علي پل وٽان شروع ٿي ملير جي مختلف علائقن مان ملير ندي جو ڪپ وٺي گڏاپ وٽ ختم ٿئي ٿي. ان رٿا جي اعلان کانپوء ملير جي چونڊيل نمائندن وزير اعلٰي سنڌ مراد علي شاھ سان ملاقات ڪري کيس عوامي خدشن کان آگاھ ڪيو، جنھن بعد وزير اعليٰ جي ھدايتن تي گڏيل دورو ڪري رھيا آھيون. جنھن ۾ ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته  ايڪسپريس وي جي حدن ۾ ايندڙ ڳوٺن ۽ زمينن کي گھٽ ۾ گھٽ نقصان پھچي.  ان موقعي تي چونڊيل نمائندن چيو ته  اسان ملير جا سڀ چونڊيل نمائندا ان ڳالهه تي متفق آھيون ته ڪنھن به ڳوٺ کي متاثر ٿيڻ نه ڏينداسين. سنڌ حڪومت کي ايڪسپريس وي جي روٽ متعلق 3 آپشن ڏنا آھن ته  رٿا ملير ندي مٿان ٺاهي وڃي يا ٻنھي ڪنارن تي ٺاهي وڃي،  ملير جي مقامي ماڻھن کي نقصان پھتو ته  سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.