جماعت اسلامي جو گيس بحران خلاف سوئي سدرن آفيس آڏو ڌرڻو

ڪراچي ( م ڊ ) ڪراچي ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ خلاف جماعت اسلامي پاران سوئي سدرن گيس آڏو احتجاج ڪيو ويو. جماعت اسلامي ڪراچي جي نائب امير ڊاڪٽر اسامه رضي جو چوڻ آهي ته سوئي سدرن گيس انتظاميه مسئلا حل ڪرڻ جِي خاطري ڪرائي آهي، جيڪڏهن مسئلو حل نه ٿيو ته ڪراچي جي ٻين مسئلن سان گڏ تحريڪ هلائينداسين. جماعت اسلامي جي 4 رڪني وفد سوئي سدرن گيس انتظاميه سان ملاقات به ڪئي. ڊاڪٽر اسامه چيو ته گيس جي عدم فراهمي سبب شهري دانهون پيا ڪن ۽ بلن جي ڪري پريشان آهن. سوئي سدرن گيس جي ڊي ايم ڊي سعيد احمد لاڙڪ چيو ته هن وقت ڊيمانڊ آف سپلاءِ جو مسئلو آهي، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.