ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ڊينئل پرل قتل ڪيس ۾ جوابدارن احمد عمر شيخ سميت ٻين جيا ڪيس ختم ٿيڻ باوجود آزاد نه ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي .عدالت ۾ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ گهروکاتي جي آفيسرن سميت پوليس عملدار پيش ٿيا .عدالت رمارڪس ۾ چيو ته عدالتي آرڊر جي باوجود جوابدارن کي آزاد ڇو نه ڪرايو ويو آهي .ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سلمان طالب الدين چيو ته معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، عدالت درخواست گذارن جي وڪيل کي سمورو رڪارڊ ڏيڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 13 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .