لاڙڪاڻي سينٽرل جيل ۾ آپريشن، قيدين جي مزاحمت، شيلنگ، ڀڃ ڊاهه، پٿراءُ

لاڙڪاڻو(رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو) لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ قيدين وٽ موبائيل فون ۽ غير ضروري شين جي موجودگيءَ تي جيل انتظاميه ضلعي پوليس جي مدد سان گرينڊ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو جنهن تي قيدي  بيرڪن مان ٻاهر نڪري سراپا احتجاج بڻجي ويا جن وڻن کي باهيون ڏئي جيل ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن پوليس خلاف ڇتي نعريبازي پڻ ڪئي جنهن دوران پوليس هوائي فائرنگ ڪرڻ سان گڏ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ڪيو جنهن تي قيدين جيل ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري پوليس مٿان پٿراءُ ڪيو جنهن ڪري قيدين آڏو پوليس بيوس نظر آئي جڏهن ته جيل انتظاميه طرفان جيل جي سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪندي پوليس جا وڏا اٽالا طلب ڪري رينجرز اهلڪارن کي پڻ جيل ٻاهريان مقرر ڪري ڇڏيو. احتجاج ڪندي هڪ پيرسن قيدي ٻڌايو ته رات 3 وڳي آپريشن جي آڙ ۾ اسان جي پاڻي ۽ ماني بند ڪرڻ بعد اسان مٿان هوائي فائرنگ ڪري ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ڪيو ويو آهي. هن چيو ته لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ قيدين سان ايڏو وڏو ته ظلم آهي جو پيرسن يا نوجوان قيدي جيسيتائين 10 هزار روپيه نه ٿو ڏئي ته کائنس گند کڻائي ان جي تذليل ڪئي پئي وڃي، هڪ ٻئي قيدي الزام لڳائيندي ٻڌايو ته لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ جيل سپريٽيڊنٽ ۽ ٻين اهلڪارن 2 هزارن واري موبائيل فون جنهن جي قيمت 2 هزار آهي ان جي قيمت ساڍا 17 هزار ۽ ٽچ موبائيل 20 هزارروپين واري جا 65 کان 70 هزار روپيه وٺي اسان کي ڏنا ۽ وري رات جي وقت اچي اسان کي چيو ويو ته موبائيل فونون ڏيو، بلاجواز آپريشن ڪري اسان جي 7 قيدين کي زخمي ڪيو ويو آهي، هتي جيل ۾ قيدين سان زيادتيون ڪيون پيون وڃن، اسان ڇا ڌاڙيل يا چور آهيون جو اسان سان اهڙو ظلم ڪيو پيو وڃي. هوڏانهن معاملي کي حل توڙي مستقبل جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ جيل سپريٽيڊنٽ انور علي شاهه جي آفيس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿي جنهن ۾ پي پي پي ايم پي اي برهان خان چانڊيو، ڪاظم عباسي، ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود احمد بنگش، پوليس آفيسرن، رينجرز عملدارن، مختلف برادرين جي چڱن مڙسن شرڪت ڪئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ موبائيل فونن خلاف جيل ۾ آپريشن کي عارضي طور ملتوي ڪيو ويو ۽ قيدين سان ڳالهيون ڪري معاملي کي حل ڪيو ويو جنهن بعد قيدي بيرڪن ۾ هليا ويا.

قيدي ٻين جيلن ڏانهن منتقلي جي خوف ۾ هئا: جيل سپرنٽينڊنٽ

لاڙڪاڻو: ان حوالي سان لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جي سپريٽنڊنٽ انور علي شاهه ٻڌايو ته جيل ۾ 1100 کان وڌيڪ قيدي موجود آهن جن مان ڪيترن ئي قيدين وٽ موبائيل فون آهن انهن خلاف سرچ آپريشن شروع ڪيو ته قيدين بيرڪن ۾ ئي مزاحمت شروع ڪئي ۽ بعد ۾ ٻاهر نڪري هنگامو ڪيو. هن چيو ته جيل ۾ في الحال آپريشن ملتوي ڪيو آهي، ڪجهه ڏينھن بعد حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي جيئن قيدين کان موبائيلون فونون هٿ ڪري سگهجن. هن چيو ته آپريشن دوران قيدي خوف ۾ مبتلا هئا ته کين ٻين جيلن ڏانهن منتقل ڪرڻ سان گڏ ڪيس داخل ڪري وڌيڪ ڪاروائي ڪئي ويندي ان خوف کان انهن احتجاج ڪيو، هينئر ڳالهين کان پوءِ قيدين احتجاج ختم ڪري ڇڏيو آهي جن کي ماني به ڏني وئي آهي.

جيل انتظاميا پئسا وٺي موبائل فون ڏنا: زبير احمد جتوئي

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ پيش آيل واقعي خلاف پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي ضلعي عهديدارن جو هنگامي  اجلاس المرتضيٰ هائوس ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ ضلعي صدر زبير احمد جتوئي، فقير حبيب پتوجو، امتياز گاد، سٽي صدر لياقت علي عمراڻي، محراب علي ڀٽو، ذوالفقار جوکيو، وريام چنه، خان آريجو، ڊاڪٽر وحيد جوڻيجو، سرائي صلاح ٽاٽڙي، رضا ڀٽي، غازي ابڙو، صدام سانگي، عبدالستار جاگيراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته هي ڪٿان جو انصاف آهي ته قيد ٿيل قيدين سان خوني ورتاءُ ڪيو وڃي، جيل انتظاميه پئسن عيوض ملاقات، موبائيل فونون، منشيات ۽ غير ضروري اندر قيدين تائين پهچائي اڄ چئي رهيا آهن ته قيدي جيل پيا ٽوڙين. جيل انتظاميه پاڻ سڀ شين ۾ ملوث آهي ته پهريان قيدي ڊسيپلين ۾ هئا ته پوءِ ڇو جيل مينوئل کان وڌيڪ شيون اندر پهچايون ويون. هنن چيو ته هڪ سازش تحت اقتداري قوتن کي خوش ڪرڻ لاءِ قيدين سان انتقامي ڪاروائي ڪري جيل انتظءاميه ڪجهه قيدين تي سخت تشدد ۽ ڪجهه قيدين کي مارائڻ چاهن ٿا. هنن چيو ته جيل مينوئل تحت سهولتون ڏئي جيل کي اصلاح گهر بڻايو وڃي جيل کي ڪوس گهر بڻائڻ کان پاسو ڪيو وڃي ٻي صورت جيل جي گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.