اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم مچ سانحي ۾ مارجي ويلن جي وارثن سان ملڻ لاءِ ڪوئيٽا ضرور ويندو.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شبلي فراز چيو ته مچ ۾ جيڪو به ٿيو اهو غلط ٿيو، ان تي سياسي ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي، مچ سانحي جي ذميوارن کي انجام تي پهچائڻ گهرجي.
هن چيو ته ڪجهه ماڻهو سياست ڪندا آهن ۽ ڏکيائيون پيدا ڪندا آهن، اسان چاهيون ٿا ته شهيدن جي تدفين خير خيريت سان ٿي وڃي.