فرقيوار وارداتن جي تياري ڪندڙ 7 دهشتگرد گرفتار

 

سرگوڌا (ويب ڊيسڪ) ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) سرگوڌي ۾ ڪارروائي ڪندي ڪالعدم تنظيم جي 7 شڪي دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو.

ذريعن موجب ڇاپي دوران دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي ۽ مقابلي کانپوءِ دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا.

سي ٽي ڊي ذريعن موجب گرفتار دهشتگردن ملڪ ۾ فرقيوار وارداتون ڪرائڻ پئي چاهيون ۽ انهن سرگوڌي ۾ هڪ تنظيم جي ليڊر کي به قتل ڪرڻ پئي چاهيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ماسٽر مائنڊ محمود اقبال دهشتگردن کي پاڙيسري ملڪ مان آپريٽ ڪري رهيو هو، انٽرپول جي مدد سان دهشتگرد جي گرفتاري جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.