قمبر : ليڊي هيلٿ ورڪرز طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ ٽريزري آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻو

قمبر ۾ليڊي هيلٿ ورڪرز طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ ٽريزري آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو ، ان موقعي تي ليڊي هيلٿ ورڪرز ايسوسي ايشن ضلعي صدر لعل خاتون مغيري، سبحانِ چانڊيو ،سلما ڪورائي ، حفيظان ٻگهيو ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو چيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرز جا فائل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسرن وٽ جمع ٿيل آهن جن جو آئيڊيون هن وقت تائين بغير ڪنهن سبب جي بند ڪيون ويون آهن، کين هليٿ پروفيشنل الائونس جا ڊفرنس نه ملي سگهيا آهن جنهن جا بل ڇهن مهينن تائين ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسرن وٽ پيل آهن ،هنن وزير اعلي سنڌ، وزير صحت عذراه پيچوهو ۽ ٻين وس وارن  کان مطالبو ڪيو ته سندن مطالبا جلد کان جلد منظور ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ هو پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪندا،، ٻئي پاسي ٽريزري اڪائوٽنٽ آفيسر نظير علي منگي چيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرز جا جائز مطالبا جلد پورا ڪيا ويندا،،،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.