درگاه ڀرچونڊي شريف ۾سبي واسڻ نوجوان ناري ايڪتا راڻي اسلام قبول ڪري سبي جي رهواسي يارمحمد آرائين سان شادي ڪري ڇڏي، ناري جو اسلامي نالو عائشه رکيو ويو جنهن کانپوء ناري عائشه ۽ ناري جي مڙس يارمحمد آرائين گهوٽڪي جي عدالت پهچي وڪيل غلام ياسين نائچ معرفت پٽيشن داخل ڪرائي، هنن پٽيشن ۾ ڄاڻايو آهي ته انهن جي شادي کانپوء ناري جا وارث انهن جي جان جا ويري بڻجي ويا آهن ، ناري عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته سندس والد انيل ڪمار، پرديپ ڪمار ۽ڌريچ مان سندن حياتي کي خطرو آهي هنن وڌيڪ چيو پوليس سندس مڙس جي وارثن کي تنگ ڪري ٿي، هنن گهر ڪئي ته انهن کي تحفظ ڏنو وڃي