مچ واقعي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج جو سلسلو جاري

مچ واقعي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج جو سلسلو جاري آهي، قاضي احمد ۾ شيعا علماء ڪائونسل , مجلس وحدت المسلمين ۽ شيعا سول سوسائٽي جي اڳواڻن قومي شاھراھ  تي احتجاج ڪري ناز باغ چوڪ تي  ڌرڻو  هنيو ويو، ڌرڻي جي مولانا امير حسين ساجدي, مولانا عطا حسين چانڊيو, مولانا سيد سجاد حسين شاھ , سيد مشتاق شاھ , سيد شفقت شاهه ۽ ٻين ڪئي ، ڳڙھي خيرو ۾ مجلس وحدت المسلمين، اصغريا آرگنائزيشن، اماميا اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن پاران زوار غلام حسين جعفري، احمد علي ڀٽي جاويد لغاري، مھدي حسن  جمالي ۽ ٻين جي  اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ پنچ گلي چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو ويو ، سوئي گيس شهر ۾ شيعا علماء ڪائونسل , مجلس وحدت المسلمين ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن پاران مولانا گدا حسين حاجاڻو ، مولانا ذوالفقار شر , نسيم احمد ويسر, ظفر علي ويسر, شاھد شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته ھر دور ۾ ھزاره برادري جي ماڻھن کي نشانو بڻائي شھيد ڪيو وڃي ٿو،  پر افسوس قاتل گرفتار نه ٿا ڪيا وڃن،  ھنن چيو ته مچ ۾ ھزاره برداري جي پورھيتن کي اغوا ڪري گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو  پر حڪمران جي ڪن تي هن وقت تائين جونءَ به ڪو نه ٿي چُري، هنن چتاءُ ڏنو ته جيسيتائين ھزارا برادري جا مطالبا منظور نه ٿا ڪيا وڃن تيسيتائين سندن احتجاج جاري رھندو .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.