سام سنگ جوانٽري ليول گليڪسي ايم 02 ايس فون پيش

سام سنگ هلندڙ سال جو پهريون اسمارٽ فون گليڪسي ايم 02 ايس متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

هي هڪ انٽري ليول اسمارٽ فون آهي جيڪو سڀ کان اڳ ڀارت ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

گليڪسي ايم 02 ايس ۾ اسنيپ ڊراگون 450 پراسيسر ڏنو ويو آهي جيڪو اوڪٽا ڪور ڪورٽيڪس اي 55 سي پي يو ۽ 1.8 گيگا هرٽز جو آهي.

فون ۾ 3 کان 4 جي بي ريم ۽ 32 کان 64 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي، جنهن ۾ ايس پي ڪارڊ سان هڪ ٽي بي تائين واڌ ڪري سگهجي ٿي.

ڊيوائس ۾ 6.5 انچن جو ايڇ ڊي پلس ايل سي ڊي ڊسپلي ڏنو ويو آهي.

اهڙي طرح 5000 ايم اي ايڇ جي طاقتور بيٽري 15 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ آهي.

ٻين فيچرز ۾ ڊوئل سم سپورٽ، ڊوئل 4 جي وي او ايل ٽي وي سپورٽ، بليوٽوٿ 5.0، هيڊ فون جيڪ ۽ ايم ايف ريڊيو ذڪر جوڳا آهن.

گليڪسي ايم 02 ايس ۾ اينڊرائيڊ آپريٽنگ سسٽم جي ڀيٽ ڪمپني پنهنجي سام سنگ ون انٽرفيس سان ڪئي آهي.

فون جي بيڪ تي 3 ڪيمرائن جو سيٽ اپ ڏنو ويو آهي جنهن ۾ مين ڪيمرا 13 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏ 2 ميگا پڪسل ميڪرو ۽ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ ڪيمرا ڏني وئي آهي.

فون جي فرنٽ تي انفٽني وي نوچ ۾ 5 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا ڏني وئي آهي.

ان فون جي قيمت 122 ڊالرز (19 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) رکي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.