ڌاٻيجي: ڳوٺ ٻاٻڙا جي ڪائونسلرن پاران سهولتن جي اڻهوند جون دانهون

پ پ جي اڳوڻي ڪائونسلرن عبدالغفور ٻاٻڙو ۽ شريف ٻاٻڙو دانهيندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي دور ۾ به انهن جي علائقي کي مڪمل نظرانداز ڪيو ويو آهي ۽ اتي ڪنهن به قسم جي ڪا سهولت موجود نه آهي ،  ڌاٻيجي پريس ڪلب ۾ صحافين آڏو دانهيندي  سندن چوڻ هو  ته انهن جي ڳوٺ جي اسپتال ۽ سرڪاري اسڪول گذريل پنجن ورهين کان بندآھي جڏھن ته سرڪاري ڪاغذن ۾اسڪول ۽ اسپتال هلندڙ ڏيکاريا ويا آهن جتان استاد ۽ ڊاڪٽر پڻ پگهارون وصول ڪن ٿا، هنن وڌيڪ ٻڌايو ته  سلطان آباد کان ٻاٻڙا تائين روڊ مڪمل طور ناڪارھ  بڻيل  آهي جنهن سبب هو سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن ، هنن ڊي سي ٺٽو ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته فوري طور تي نوٽيس وٺي علائقي واسين کي سهولتون ڏنيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.