ريئل مي جو 2021 جو پهريون فون وي 15 فائيو جي متعارف

ريئل مي 2021ع جو آغاز وي 15 فائيو جي اسمارٽ فون سان ڪيو آهي.

ريئل مي وي 15 کي چين ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن ۾ 6.4 انچ جو فل ايڇ ڊي پلس اموليڊ ڊسپلي ڏنو ويو آهي.

هي ڊسپلي پينل سام سنگ جو تيار ڪيل آهي ۽ فنگر پرنٽ اسڪينر ڊسپلي جي اندر لڳل آهي.

ريئل مي وي 15 فائيو جي جي اندر ڊيمينسٽي 800 يو پراسيسر ڏنو ويو آهي جڏهن ته ڊيوائس کي گرم ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ هڪ ڪاپر ٽيوب جي واڌ به ڪئي وئي آهي.

وي 15 ۾ 6 کان 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي.

اهڙي طرح 4310 ايم اي ايڇ بيٽري 50 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان ڏني وئي آهي پر فون سان گڏ 65 واٽ پاور اڊاپٽر ڏنو پيو وڃي.

اينڊرائيڊ 10 آپريٽنگ سسٽم جي ڀيٽ ڪمپني پنهنجي ريئل مي يو آءِ 1 سان ڪئي آهي پر ڪمپني جو چوڻ آهي ته جلد ان کي اينڊرائيڊ تي ٻڌل ريئل مي يو آءِ 2.0 کان اپ ڊيٽ ڪيو پيو وڃي.

ٻين فيچرز ۾ فائيو جي ڊوئل موڊ، هائي ريزولوشن آڊيو سرٽيفڪيشنز، هيڊ فوجي جيڪ ذڪر جوڳو آهي.

فون جي بيڪ تي 3 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي.

فون جي مين ڪيمرا 64 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏ 8 ميگا پڪسل الٽراوائيڊ ۽ 2 ميگا پڪسل ميڪرو ڪيمرا موجود آهي.

فون جي فرنٽ تي پنچ هول ڊيزائن ۾ 16 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا ڏني وئي آهي.

وي 15 جو 6 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل 1499 چيني يوآن (37 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) جڏهن ته 8 بي جي ريم وارو فون 1999 يون آن (49 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.