نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ دورو ڪرڻ تي پاڪستان جو ٿورائتو

 

ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ ڪورونا جي ڏکين حالتن ۾ دورو ڪرڻ تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ اسڪواڊ جا ٿورا مڃيا آهن.

نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ٿورائتي آهي، جنهن ڏکين حالتن ۾ نيوزيلينڊ جو دورو ڪيو.

نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ موجب ان دوري لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڏنل قربانين کي ساراهيون ٿا ۽ توهان جي محفوظ وطن واپسي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيون ٿا.

پنهنجي پيغام ۾ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ پاڪستان ۽ ڪيوي رانديگرن جون گرائونڊ ۾ تصويرون به جاري ڪيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.