اوٻاوڙو: پنجاب حڪومت پاران پابندي کانپوءِ سنڌ ڪمند کڻي ايندڙ آبادگارن جو احتجاج

پنجاب حڪومت پاران سنڌ ۾ ڪمند کڻي وڃڻ تي بين الصوبائي پابندي کانپوءِ رحيم يار خان انتظاميا پاران پنجاب کان سنڌ ڪمند کڻي ايندڙ ٽريڪٽر  ٽرالين کي سنڌ پنجاب وٽ روڪي ويو ، قومي شاهراهه تي ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽراليون بيهڻ سبب قومي شاهراهه بند ٿي وئي ۽ سوين ٽريڪٽر ٽراليون بيهڻ سبب گاڏين جي ڊگهي قطار لڳي وئي ، ڏھ ڪلوميٽر کان وڌيڪ قومي شاهراهه بند هجڻ سبب مسافرن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو  پيو،  ان موقعي تي آباد گار اڳواڻن رئيس احمد يار ولانه، رائيس شاهد ٽهريلي، خليل الرحمان خالدي  ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پنجاب حڪومت جي آبادگارن سان زيادتي آهي، ڇو ته سنڌ ۾ آبادگارن کي ڪمند جو اگهه وڌيڪ  ملي ٿو،  پنجاب شوگر ملز انتظاميا جي هڪ هٽي هجڻ سبب آبادگارن سان ظلم ڪيو پيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.